اسلام آباد – 22 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت پوکيءَ جي ??عبي ۾ بهتر ٽيڪنيڪ اختيار ڪري فصلن جي في ايڪڙ پيداوار وڌائڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي، ٻجن ۽ ڀاڻ جي ??هتر معيار جي پيداوار جي لاءِ تحقيق ۽ ترقي ۾ سيڙپڪاري ڪري رهيا آهيون. وزيراعظم عمران خان جي ??دارت ۾ ملڪ ۾ خري?? جي فصلن بابت اجلاس ٿيو جنهن ۾ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري وفاقي وزير سيد فخر امام، ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ف??اض ترين، واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، صنعت واري وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. پنجاب، سنڌ، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جي ??نعت وارن صوبائي وزيرن وڊيو ??نڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم کي ٻڌايو ??يو ته خري?? جي فصلن ۾ ڪپهه، چانور، مڪئي ۽ ڪمند ملڪ ۾ پوکي ويندڙ وڏيون فصلون آهن، حڪومت جي ??راعت دوست پاليسين جي ڪري انهن سمورين فصلن جي في ايڪڙ پيداوار ۾ اضافي جو رجحان ڏٺو پيو ??ڃي. وزيراعظم کي ٻڌايو ??يو ته سٺي معيار جي ٻجن ۽ جيت مار دوائن، موثر تحقيق ۽ ترقي ۽ ٽيڪنالاجي ??ي منتقلي ۾ وڏي سيڙپڪاري ڪري ملڪ ۾ زرعي شعبي کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهجي ٿو. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته ملڪ ۾ غذائي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ سمورين فصلن جي پيداوار کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا وڃن.
حڪومت پوکيءَ جي شعبي ۾ بهتر ٽيڪنيڪ اختيار ڪري فصلن جي في ايڪڙ پيداوار وڌائڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا انعام کیسے حاصل کریں