اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي آهي ته رانا ثناءُ الله ٻڌائي ته ن ليگ کي 3 ڪروڙ روپيا ڏيندڙ ڀون داس ڪير آهي؟ عوام 2018ع جي اليڪشن ۾ اسان کي مينڊيٽ ڏنو آ??ي، پنهنجو مدو پورو ڪن??اس??ن، ن ليگ وٽ ڪيترائي هيرو آهن، ڪو ايفيڊرين اسمگلنگ ڪندو آ??ي، ڪو منشيات اسمگلنگ ۾ سڳ سوڌو پڪڙيو ويندو آهي. ليگي اڳواڻ ثناءُ الله جي پريس ڪانفرنس ت?? پنهنجي رد عمل ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته پي ٽي آءِ واحد پارٽي آهي جنهن اليڪشنڪ ميشن کي 40 هزار ڊونرز جو مڪمل رڪارڊ فراهم ڪيو، ن ليگي سهولتڪار اڪبر ايس بابر جي فارن فنڊنگ ڪيس کي اسڪروٽني ڪميٽي ردي جي ٽوڪري ۾ وجهي ڇڏيو آ??ي، ن ليگ ۾ ٻه گر??پس کلي سامهون اچي چڪا آهن، هڪ ڏينهن شهباز شريف ۽ ٻي ڏينهن مريم گروپ ميڊيا تي اچي پنهنجو روئڻو روئندو آ??ي، انهن ماڻهن جي منهن مان ادارن جي حدن جي ڳالهه نٿي سون??ي، جيڪي ادارن تي حملا آور ٿيندا رهيا آهن، هن چيو ته ن ليگ جي پارٽي اڪائونٽس ۾ شڪي ٽرانزيڪيشنز ثابت ٿي چڪي آ??ي، ن ليگ وٽ 62 ڪروڙ جو ڪو به حساب نه آ??ي، ن ليگ جا 9 ڳجها بئنڪ اڪائونٽس سامهون اچي چڪا آهن، پي ٽي آءِ اها پهرين سياسي پارٽي آهي جنهن پوليٽيڪل فنڊ ريزنگ جي روايت متعارف ڪرائي آهي. فرخ حبيب وڌيڪ چيو ته نواز شريف پڪنڪ تي ناهي جيڪو مرضي سان اچي، عدالتي ڀڳوڙو آ??ي، عدالت سان ڪوڙ ڳالهائي لنڊن ۾ نواز شريف عياشي ڪري رهيو آ??ي، رانا ثناءُ الله نوڪري پڪي ڪرڻ لاءِ مريم پرويز رشيد آڊيو ليڪ تي به نڪ جي پڪائي سان دفاع ڪري رهيو آهي. ان کي شرم به محسوس نٿو ٿئي.
رانا ثناءُ الله ٻڌائي ته ن ليگ کي 3 ڪروڙ روپيا ڏيندڙ ڀون داس ڪير آهي: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : تھنڈرسٹرک II