اسلام آباد – 27 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ايئر هيڊڪوارٽرز اسلام آباد جو دورو ڪيو ۽ سربراهه پاڪ فضائيه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو سان ??لاقات ڪئي. ملاقات دوران حاضر دور جي تغيراتي جيواسٽريٽجڪ ۽ جيو پوليٽيڪل ماحول ۽ علائقائي سلامتي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪ فضائيه جي تر??ما?? موجب ملاقات ۾ ايئر چيف وزيراعظم پاڪستان ۽ پرڏيهي وزير جي چين جي ايندڙ دوري جي مناسبت سان ??اڪستان جي دوست ملڪ چين سان تعاون ۽ جديد ترين ٽيڪنالاجيز جي شعبي ۾ سمارٽ انڊڪشنز جي ذريعي ”پي اي ايف مارڊنائزيشن پروگرام“ بابت معلومات فراهم ڪ??ي، ملاقات ۾ ٻنهي پاڙيسري ملڪن جي وچ ۾ ٻين شعبن ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي به ڳالهه ٻولهه ٿي، پرڏيهي وزير پي اي ايف جي بي مثال پيشيوراڻي مهارت کي ساراهيندي پاڪ فضائيه کي نيڪسٽ جنريشن ايئر فورس جي طور تي جديد رخن تي هموار ڪرڻ لاءِ حڪومت جي مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي، هن قائداعظم جي ويزن ”سيڪنڊ ٽونن“ تي عمل پيرا پاڪ فضائيه کي ملڪ جو فتح نه ٿيڻ جوڳو دفاع فراهم ڪ??ڻ تي ساراهيو. ان ??وقعي تي ايئر چيف دنيا ۾ پاڪستان جي مثبت اميج کي اجاگر ڪرڻ ۾ پرڏيهي وزارت جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي.
پرڏيهي وزير ايئر هيڊڪوارٽرز اسلام آباد جو دورو
مضمون کا ماخذ : میان میجک وائلڈ فائر