اسلام آباد – 27 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جو جلسو عوام جو جلسو آهي، عمران خان پاڪست??ن جو محسن آهي، جنهن ملڪ جي آزاد پرڏيهي پاليسي جو بنياد رکيو، پاڪست??ن جي عوام عمران خان جي جلسي جي لاءِ گهرن مان نڪري. اها ڳالهه هن پاڪستان تحريڪ انصاف جي امر بالمعروف جلسي جي حوالي سان پنهنجي خصوصي وڊيو پيغام ۾ چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ماضي ۾ پاڪستان بابت چيو ويندو هو ته هتي پئسي سان هر ڪنهن کي خريد ڪري سگهجي ٿو، اڄ اهو پاڪستان عمران خان جي ڪري ڪنڌ کڻي بيٺل آهي. هن چيو ته ??هادر قوم کي بهادر ليڊر جي ضرورت هوندي آهي، عمران خان اهو ليڊر آهي جيڪو ڪڏهن عوام جو ڪنڌ جهڪڻ ن?? ڏيندو. چوڌري فواد حسين چيو ته ??مران خان پاڪست??ن جي معيشت ۽ انڊسٽري ??ي پنهنجي پيرن تي بيهاريو. هن پاڪست??ن جي عوام بشمول عورتن، ٻارن ۽ جوانن کي مخاطب ٿيندي چيو ته ??هي پريڊ گرائونڊ اسلام آباد پهچن ۽ وزيراعظم عمران خان جو امر بالمعروف جلسي کي تاريخي خطاب ٻڌن.
وزيراعظم عمران خان جو جلسو عوام جو جلسو آهي، عمران خان پاڪستان جو محسن آهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹرائزڈ لاٹری