اسلام آباد – 22 ̵1; م??ي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف کي بلوچستان صوبي جي علا??قي شيراني ۾ ٻيلن ۾ لڳل باهه بابت رپورٽ پيش ڪئي وئي آهي جنهن ۾ متاثر علا??قي ۾ جاري آپريشن بابت تفصيل شامل آهن. گذريل ڏينهن لاهور ۾ هڪ اجلاس دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف لاڳاپيل عملدارن کي باهه تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ ۽ ان حوالي سان رپورٽ طلب ڪئي هئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري ڪيل تفصيل موجب وفاقي ۽ صوبائي کاتن تي ٻڌل ٽيم جو قيام عمل ۾ آندو ويو آهي، ان سان گڏوگڏ ٻيلي کاتي ۽ جنگلي حيات صورتحال تي نظر رکڻ جي لاءِ هڪ ڪنٽرول روم قائم ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته زوب جي ڪمشنر متاثر علا??قي ۾ هنگامي حالتون لاڳو ڪري ڇڏيون آهن. وزيراعظم وٽ جمع رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته چيف سي??ري??ري بلوچستان، ٻيلي کاتي جي سي??ري??ري ۽ پي ڊي ايم اي جي ڊائريڪٽر جنرل متاثر علا??قي جو دورو ڪيو آهي، مختلف ٽيمن جا 300 اهلڪار شير گلي، زرغون زاور، تور ڳڙهه ۽ نڪئي جي علائقن ۾ باهه وسائڻ جي آپريشن ۾ حصو وٺي رهيا آهن. وزيراعظم جي خصوصي نمائندي ۽ وفاقي وزير مولانا عبدالواس?? زوب ۾ هڪ اجلاس جي صدارت پڻ ڪئي جنهن ۾ وڏي وزي??، وفاقي ۽ صوبائي عملدارن ۽ ٻارهين ڪور جي ڪمانڊر پڻ شرڪت ڪئي. وزيراعظم جي هدايتن جي روشني ۾ ضلعي شيراني ۾ ٻيلي کاتي ۽ جنگلي حيات جي سي??ري??ري جي قيادت ۾ ٽاسڪ فورس جو عمل قيام ۾ آندو ويو آهي، ان کانسواءِ ويليج اينڊ ايريا فائير ڪنٽرول ڪميٽين جي قيام لاءِ نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته باهه جي ڦهلاءُ تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ پي ڊي ايم اي باهه وسائيندڙ اوزار ۽ ريسڪيو گاڏيون فراهم ڪري رهي آهي. ان سان گڏوگڏ اين ڊي ايم اي پڻ ضروري اوزار فراهم ڪري رهي آهي، پاڪ فوج جاري آپريشن جي لاءِ ٻه هيلي ڪاپٽر ڏنا آهن جڏهن ته آرمي بيس ڪئمپ جو قيام پڻ عمل ۾ آندو ويو آهي.
وزيراعظم محمد شهباز شريف کي بلوچستان صوبي جي علائقي شيراني ۾ ٻيلن ۾ لڳل باهه بابت رپورٽ پيش
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری کے انعامات