اسلام آباد – 14 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب وزيراعظم شهباز شريف سان گڏ هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهيد ٿيندڙ ميجر طلحيٰ منان جي گهر ??ئي ۽ ان جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي گهرڀاتين سان ڳالهائيندي هن چي?? ته شهيد اسان جي قوم جو فخر آهن، اهي حق جي راهه جا شهيد آهن، انهن جون قربانيون ڪڏهن به رائيگان نه وينديون. هن چي?? ته پوري قوم شهيد طلحيٰ منان جهڙن جوانن کي جنم ڏيندڙ مائ??ن ۽ عزم ۽ استقامت جي پيڪر والدين تي فخر ڪري ٿي. هن چي?? ته پا?? فوج جو هر آفيسر ۽ جوان ملڪ جي خدمت سان سدائين سرشار رهيو آهي. شهيد طلحيٰ منان جي ملڪ ۽ قوم جي لاءِ قرباني کي سدائين ياد رکيو ويندو. اطلاعات واري وفاقي وزير شهيد طلحيٰ منان جي والده سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ شهيد طلحيٰ منان کي ان جي عظيم قرباني تي خراج عقيدت پيش ڪيو.
وفاقي وزير مريم اورنگزيب وزيراعظم شهباز شريف سان گڏ شهيد ٿيندڙ ميجر طلحيٰ منان جي گهر وئي، ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیک پاٹ