اسلام آباد – 02 سيپٽمبر (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته ٻوڏ سبب سنڌ ۽ بلوچستان جا صوبا سڀني کان وڌيڪ متاثر ٿي?? آهن، غير معمولي برساتون جاني ۽ مالي نقصانن جو ??بب بڻيون، حڪومتي وقت سر قدمن سان جاني نقصانن جي شدت تي ضابطو آندو ويو آهي. اهڙن خيالن جو ??ظهار هن فلڊ رليف سينٽر اين ڊي ايم اي ۾ ترڪيه جي گهرو وزير سليما?? سوئيلو کي بريفنگ ڏيندي ڪيو. ان موقعي تي منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير ۽ فيڊرل رليف ڪميٽي جي چيئرمين پروفيسر احسن اقبال تازي ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن کان آگاهه ڪيو. اجلاس ۾ گهرو وزير راڻا ثناءُ الله ۽ موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير شيري رحمان به موجود هئي. وفاقي وزير ترڪيه وفد کي آگاهه ڪيو ته پاڪستان ۾ هلندڙ سال 500 سيڪڙو اضافي برساتون ٿيون، موسمياتي تبديلي جي اثرن جي ڪري گهٽ ??رساتن وارن علائقن ۾ وڌيڪ برساتون ٿيون ۽ ملڪ کي ٻوڏ واري صورتحال کي منهن ڏيڻو پيو. هن چيو ته پاڪستاني عوام ترڪيه جي عوام ۽ حڪومت جي ٿورائتي آهي ته هنن مشڪل جي هن گهڙي ۾ اسان جو ??اٿ ڏنو. ٻوڏ واري صورتحال کان ترڪيه وفد کي آگاهه ڪندي احسن اقبال چيو ته هن وقت پاڪستان کي سڀ کان وڌيڪ ضرورت متاثرن جي آبادڪاري ۽ انفراسٽرڪچر جي بحالي آهي، ان موقعي تي ترڪي طرفان آبادڪاري ۽ غذائي جنسون فراهم ڪرڻ جي آڇ ڪئي وئي.
ٻوڏ سبب سنڌ ۽ بلوچستان وڌيڪ متاثڙ ٿيا، غير معمولي برساتون جاني ۽ مالي نقصانن جو سبب بڻيون: احسن اقبال
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز کی جیت