اسلام آباد – 17 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آ??ي ته پاڪستان پرامن پاڙيسريت تي يقين رکي ٿو ۽ خطي ۾ دهشتگردي جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ افغان حڪومت سان گڏجي ڪ?? ڪندو. غيرملڪي نيوز چينل کي انٽرويو ڏيندي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان جي سول ۽ ملٽري قيادت فيصلو ڪيو آ??ي ته ملڪ جي خلاف ڪم ڪندڙن کي برداشت نه ڪيو ويندو، ان حوالي سان مڪمل اتفاق آهي ته جيڪو به دهشتگردي ۾ ملوث آهي ان سان ڳالهه ٻولهه نه ٿيندي. هن چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان ٻنهي کي دهشتگردي درپيش آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام دهشتگردي جو شڪار آهي جنهن کي وقت سر منهن ڏيڻ جي ضرورت آهي. پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته پرامن افغانستان جي لاءِ عالمي برادري کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، اسان افغان عبوري حڪومت تي به زور ڏنو آ??ي ته اها عالمي برادري سان ڪيل واعدا پورا ڪري. هن تازي ٻوڏ سان پيدا ٿيندڙ آزمائش جي گهڙيءَ ۾ پاڪستان سان تعاون ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ تي عالمي اڳواڻن جا ٿورا ??ڃي??. بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان جي دوستن جا ٿورا ??ڃي?? جن جنيوا ڊونرز ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي ٻوڏ کانپوءِ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي ڪ??ششن ۾ مدد جو اعلان ڪيو آ??ي.
پاڪستان پرامن پاڙيسريت تي يقين رکي ٿو ۽ خطي ۾ دهشتگردي جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ افغان حڪومت سان گڏجي ڪم ڪندو: بلاول ڀٽو زرداري
مضمون کا ماخذ : جنگل کے راز