اسلام آباد – 28 – اپريل (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۾ دستياب سيڙپڪاري جي موقعن ۽ سيڙپڪار دوست پاليسين کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته آءِ ٽي سيڪٽر جي ترقي ملڪ جي اهم ترجيحن ۾ شامل آهي، غيرملڪي واپارين ۽ سيڙپڪارن کي ان اهم شعبي ۾ سيڙپڪاري سميت ترقي جي بي پناهه امڪانن مان فائدو کڻڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن چيني ڪمپني ايزي وي انوويشن ٽيڪنالاجي ??مپني لميٽيڊ جي هڪ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد جي قيادت ڪمپني جي ??يف ايگزيڪيوٽو آفيسر جو هانيو ڪري رهيو هو. صدر چيو ته اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي ڪاروباري ادا??ن جي لاءِ 10 سال جي ٽيڪس ڇوٽ سميت مختلف مراعتن جي آڇ ڪري ٿي ۽ چيني آءِ ٽي ڪمپنين کي انهن موقعن مان فائدو کڻڻ گهرجي. چيني وفد جي س??براهه صدر کي مختلف آءِ ٽي خدمتن ۽ صنعتي حل فراهم ڪرڻ ۾ پنهنجي ??مپني جي ??ردار بابت آگاهه ڪيو. هن ٻڌايو ته ايزي وي سمارٽ ٽرانسپورٽيشن، سمارٽ لاجسٽڪس ۽ ٻين شعبن جي لاءِ ٺوس حل ۽ پيشيواراڻي س??فٽ ويئر ڊيولپمينٽ فراهم ڪري ٿي. هن ٻڌايو ته ان جي ??مپني پاڪستان جي ريلوي جي لاءِ اي – ٽڪيٽنگ سسٽم تيار ڪيو آهي جنهن سان اداري جي ??ارڪردگي کي وڌائڻ ۾ مدد ملندي.
آءِ ٽي سيڪٽر جي ترقي ملڪ جي اهم ترجيحن ۾ شامل آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی حکمت عملی