ڪوئيٽا – 30 – مئي (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي چيو آه?? ته بريسٽ ڪينسر?? نفسياتي مسئلن ۽ معذوري کي منهن ڏيڻ جي ذميواري رڳو حڪومت وق?? جي نه پر معاشري جي هر ماڻهو کي ان جي تدارڪ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، معذور ماڻهن جي ڀلائي ۽ بريسٽ ڪينسر جي روڪٿام بابت ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جو ڪردار ساراهه جوڳو آه??. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ڪوئيٽا ۾ ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جي تعاون سان ڇاتيءَ جي ڪينسر?? نفسياتي صحت ۽ معذوري بابت آگاهي فراهم ڪرڻ جي حوالي سان منعقد سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. ان کان اڳ ڊس ايبيليٽيز، ريهيبيلي ٽيشن روڊ سيفٽي ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن بابت ٽيڪنيڪل ايڊوائيزر ڊاڪٽر مريم ملڪ خاص مهمان کي ڀليڪار ڪيو ۽ سيمينار جي مقصدن تي روشني وڌي. ميزبان تنظيم پاران موضوع جي مناسبت سان شرڪت ڪندڙن کي تفصيلي بريفنگ پڻ ڏني. تقريب کي خطاب ڪندي بيگم ثمينه عارف علوي چيو ته حڪومت جي ڪوشش آه?? ته سڄي ملڪ خاص طور تي بلوچستان ۾ بريسٽ ڪينسر ۽ معذوري بابت آگاهي جي حوالي سان ٺوس ۽ قابل عمل قدم کنيا وڃن، معاشري جي سمورن طبقن کي آگاهي جي لاءِ اڳتي وڌي ان موذي مرض جي روڪٿام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ان سان گڏوگڏ عورتن کي پاڻ تشخيص بابت رهنما هدايتن موجب پنهنجي صحت جو خيال رکندي هڪ مخصوص عمر ک??نپوءِ پنهنجي طبي معائني جي معمول کي اختيار ڪرڻو پوندو. سيمينار کي ڊائريڪٽر پاڪستان بيت المال، ڊائريڪٽر وومين ڊيولپمينٽ پارٽمينٽ، ٽيڪنيڪل ايڊوائيزر ڊيس ايبليٽيس اينڊ ريهيبليٽيشن، ڊبليو ايڇ او بلوچستان جي سربراهه ڊاڪٽر اسفند يار شيراني پڻ خطاب ڪيو. سيمينار جي پڄاڻي تي موضوع جي حوالي سان سوال جواب جو سيشن پڻ منعقد ڪيو ويو.
بريسٽ ڪينسر، نفسياتي مسئلن ۽ معذوري کي منهن ڏيڻ جي ذميواري رڳو حڪومت وقت جي نه پر معاشري جي هر ماڻهو کي ان جي تدارڪ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو: خاتون اول بيگم ثمينه علوي
مضمون کا ماخذ : جنگل کی روح: جنگلی کی کال