اسلام آباد – 14 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير مريم اورنگزيب، وزيراعظم جي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري صلاحڪار قمر زمان ڪائره ۽ غربت جي خاتمي ??اري مملڪتي و??ير فيصل ڪريم ڪنڊي پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس (پي ايف يو جي) جي صدر افضل بٽ جي و??لده جي لاڏاڻي تي تعزيت جي لاءِ نيشنل پريس ڪلب ويا ۽ افضل بٽ جي و??لده مرحومه جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي. ا?? موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي و??ير مريم اورنگزيب چيو ته والده الله تعاليٰ جو هڪ اهڙو قيمتي تحفو آهي جنهن جو ڪو نعم البدل نه آهي، افضل بٽ جي و??لده جي لاڏاڻي تي افسوس آهي، افضل بٽ ۽ ان جي گهرڀاتين جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. هن چيو ته جن جا والدين زندهه آهن الله تعاليٰ انهن کي ڊگهي زندگي ڏي ۽ اسان سڀني کي پنهنجي و??لدين جي خد??ت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. قمر زمان ڪائره چيو ته والده جو لاڏاڻو ناقابل تلافي نقصان آهي، ان جي کوٽ سڄي زندگي رهي ٿي. فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته والدين سان بهارون هونديون آهن، الله تعاليٰ افضل بٽ صاحب جي و??لده کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي. اطلاعات واري وفاقي و??ير مريم اورنگزيب، وزيراعظم جو صلاحڪار قمر زمان ڪائره ۽ مملڪتي و??ير فيصل ڪريم ڪنڊي ا?? موقعي تي مرحومه جي ايصال ثواب، درجن جي بلندي ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.
مريم اورنگزيب، قمر زمان ڪائره ۽ فيصل ڪريم ڪنڊي جي افضل بٽ سان والده جي لاڏاڻي تي فاتحه
مضمون کا ماخذ : گنہادورس دا میگا سینا