اسلام آ??اد – 17 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ سومر ڏين??ن پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز اسلام آ??اد ۾ نيشنل ڪينسر اسپتال ۽ اسلام آ??اد ماڊل اسپيشل اڪنامڪ زون جي پيڙهه جو پٿر رکندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نيشنل ڪينسر اسپتال ۾ اسلام آباد، راولپنڊي سان گڏوگڏ ڀرپاسي جي علائقن بشمول گلگت بلتستان ڪشمير، خيبرپختونخواهه ۽ ضم ٿيل ضلعن جا ماڻهو به ان موذي مرض جي عالمي معيار جي علاج مان فائدو کڻي سگهندا. وزيراعظم ان موقعي تي خطاب پڻ ڪندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ اسلام آ??اد ماڊل اسپيشل اڪنامڪ زون جي پيڙهه جو پٿر رکندو. اسلام آ??اد ماڊل اسپيشل اڪنامڪ زون وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ملڪ جي صنعتي ترقي جي ويزن موجب ملڪ جي اترئين حصي ۾ مقامي ۽ ٻاهرئين سيڙپڪارن کي صنعتون قائم ڪرڻ جو موقعو ڏيندو. ان اڪنامڪ زون سان روزگار جا 10 هزار کان وڌيڪ موقعا پيدا ٿيندا. وزيراعظم تقريب کي خطاب پڻ ڪندو.
وزيراعظم پمز ۾ نيشنل ڪينسر اسپتال ۽ اسلام آباد ماڊل اسپيشل اڪنامڪ زون جي پيڙهه جو پٿر رکندو
مضمون کا ماخذ : sorteos da loteria