ڪراچي-08 فيبروري (اي پي پي)سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر اين اي 237 ۽ پي ??يس 104 تي پنهنجو ووٽ گورنمينٽ بوائز سيڪنڊري اسڪول نمبر 2 بلاڪ 6 پي ??ي سي ايڇ ايس ۾ ڪاسٽ ڪيو. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته هن پنهنجو جمهوري حق پورو ڪيو. سيڪيورٽي انتظامن جي حوالي سان ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي نگران وڏي وزير چيو ته سيڪيورٽي جا سمورا انتظام اثرائتي انداز ۾ ڪيا ويا آهن ۽ پولنگ اسٽيشنن تي پولنگ جو عم?? بهتر نموني سان جاري رهيو. صوبي ۾ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي سهولتن جي فراهمي جي حوالي سان سنڌ جي نگران وڏي وزير چيو ته هنن چ??نڊ عم??ي کي پولنگ اسٽيشنن تائين پهچائڻ سميت سموريون ضروري سهولتون فراهم ڪيون ويون. هن پولنگ اسٽاف جي پولنگ اسٽيشنن تي نه پهچڻ واري معاملي کي مڪمل طور رد ڪندي چيو ته عم??و پنهنجو فرض بهتر نموني سرانجام ڏنو. موبائيل سروس جي معطلي جي حوالي سان سنڌ جي نگران وڏي وزير واضح ڪيو ته اهو نگران وفاقي حڪومت جو فيصلو هو ٿي سگهي ٿو ڪنهن مناسب سبب لاءِ اهڙو فيصلو ڪيو هجي. سنڌ جي نگران وڏي وزير ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر جو پڻ دورو ڪيو. سي سي ٽي وي ڪوريج ذريعي پولنگ جي عم?? جو جائزو ورتو. نگران گهرو وزير برگيڊيئر (ر) حارث نواز ۽ آءِ جي پوليس رفعت مختار سنڌ جي وڏي وزير کي پولنگ عم?? بابت بريفنگ ڏني. ان بعد نگران وڏي وزير سنڌ جي گهرو وزير برگيڊيئر (ر) حارث نواز ۽ آءِ جي پوليس رفعت مختار سان گڏ هيلي ڪاپٽر ذريعي پولنگ عم?? جو هوائي معائنو پڻ ڪيو.
سنڌ جي نگران وڏي وزير اين اي 237 ۽ پي ايس 104 تي پنهنجو ووٽ گورنمينٽ بوائز سيڪنڊري اسڪول نمبر 2 بلاڪ 6 پي اي سي ايڇ ايس ۾ ڪاسٽ ڪيو
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے سستے ٹکٹ