اسلام آباد – 14 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آه?? ته حڪومت سازي جي لاءِ سادي اڪثريت گهربل هوندي آه??، اليڪشن ڪميشن چونڊون منعقد ٿيڻ جي 14 ڏينهن جي اندر تصديق ٿيل نتيجا جاري ڪرڻ جي پابند آه??، آرٽيڪل 91 تحت صدر چونڊن کانپوءِ 21 ڏينهن تائين اجلاس گهرائي سگهي ٿو، 22 ۽ 29 فيبروري جي وچ ۾ ڪنهن به تاريخ تي قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائي سگهجي ٿو. اها ڳالهه هن پي ٽي وي جي پروگرام ”رياست“ ۾ ڳالهائيندي چئي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته اليڪشن ڪميشن چونڊون منعقد ٿيڻ جي 14 ڏينهن جي اندر تصديق ٿيل نتيجا جاري ڪرڻ جي پابند آه??، فارم 49 ۾ کٽيل اميدوارن کي چونڊ خرچن جا تصديق ٿيل دستاويز اليڪشن ڪميشن وٽ جمع ڪرائڻا هوندا آه??، جيڪڏهن اهي تفصيل جمع نه ٿا ٿين ته کٽيندڙ قومي اسيمبلي جو باضابطا ميمبر نه ٿو رهي. هن چيو ته قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ کي جيئن ئي سرڪاري نتيجا ملندا، پارلياماني معاملن واري وزارت جو ڪم شروع ٿي ويندو. نگران وفاقي وزير چيو ت?? آرٽيڪل 91 تحت صدي چونڊن کانپوءِ 21 ڏينهن تائين قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائي سگهي ٿو. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته حڪومت سازي جي لاءِ سادي اڪثريت گهربل هوندي آه??، 18 هين ترميم تحت صدر جو عهدو وفاق جي علامت آه??. هن چيو ته اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ جي فوري پوءِ قائد ايوان جي چونڊ ٿيندي، قائد ايوان يا وزيراعظم جي چونڊ جي لاءِ کلي را??ِ شماري ٿيندي آه??، ڳجهي را??ِ شماري ناهي ٿيندي، ڳجهي را??ِ شماري اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ جي لاءِ هوندي. هڪ سوال جي جواب ۾ نگران وفاقي وزير چيو ته مولانا فضل الرحمان ڏاهو سياستدان آه??، هن پارليامينٽ ۾ ويهڻ جي ڳالهه ڪئي آه??. هن چيو ته اڪثر پارٽين جو اتفاق آه?? ته شهباز شريف ٻيو ڀيرو وزارت عظميٰ جو حلف کڻندو. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته ملڪ کي اهم ۽ وڏا چئلينجز درپيش آه??. هن چيو ته ڪابينا جي انگ بابت فيصلو ايندڙ چونڊيل حڪومت ئي ڪندي. هڪ سوال جي جواب ۾ مرتضيٰ سولنگي جو چوڻ هو ته نگران ڪابينا جڏهن حلف کنيو ان وقت اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر ساڍي ٽي سئو کان چار سئو رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو هو، اسان حوالا هنڊي، ڊالر جي اسمگلنگ جي روڪٿام جي لاءِ قدم کنيا، اسان جي انتظامي قدمن سان رپئي جي قدر ڊالر جي ڀيٽ ۾ بهتر ٿي. هن چيو ته معاشي استحڪام سياسي استحڪام سان ڳنڍيل آه??، اميد آه?? ايندڙ حڪومت سڌارن جو عمل جاري رکندي. هن چيو ته ملڪي ترقي جي لاءِ گورننس کي بهتر ڪرڻو پوندو. نگران وفاقي وزير چيو ته نگران حڪومت جو اختيار محدود هوندو آه??، اميد آه?? نئين چونڊيل قيادت ملڪ جا وڏا مسئلا حل ڪندي، معاشي سڌارن ۽ معاشي بحالي جو عمل جاري رکيو ويندو.
حڪومت سازي جي لاءِ سادي اڪثريت گهربل هوندي آهي، 22 ۽ 29 فيبروري جي وچ ۾ ڪنهن به تاريخ تي قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائي سگهجي ٿو: نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری آن لائن