اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان قابض اسرائيلي فوج پاران غزه جي عوام تي جاري ظلمن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي ڏکڻ غزه ۾ رفح جي اوڀرندي حصي ۾ فلسطيني پناهگيرن ??ي لاءِ گڏيل قومن جي ريليف اينڊ ورڪس ايجنسي (يو اين آر ڊبليو اي) جي خوراڪ جي ورڇ جي مرڪز تي حملي جي شديد مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي افيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ??يو ته ڏڪار ۾ ورتل آبادي ??ي لاءِ خوراڪ جي ورڇ جي ڪجهه باقي مرڪزن تي حملو اسرائيل جي فلسطينين کي وڏي پئماني تي فاڪا ڪشيءَ ۾ وجهڻ جي ڄاڻي واڻي ۽ غيرانساني پاليسي جو حصو آهي. هن ??يو ته اها غيرانساني ڪارروائي ۽ انسانيت جي خلاف ڏوهه آهي. فلسطيني پناهگيرن ??ي لاءِ گڏيل قومن جي ريليف اينڊ ورڪس ايجنسي 20 لک کان وڌيڪ ماڻهن ??ي لاءِ لائيف لائين جو ڪم ڪري ٿي، اها پناهه فراهم ڪرڻ ۽ ضروري خوراڪ سان گڏوگڏ ب??يا??ي صحت ج?? سارسنڀال جي خدمت فراهم ڪري ٿي، ان کي غزه تي جاري غيرانساني جنگ دوران عالمي حمايت ۽ تحفظ جي ضرورت آهي. ترجمان ??يو ته پاڪستان والاريل اولهندي ڪناري ۾ 3500 نئين وسندين جي تعمير بابت اسرائيل جي تازي فيصلي جي سخت ترين ممڪن لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو، اها اسرائيلي ڪارروائي عالمي قانون، عالمي انساني قانونن ۽ گڏيل قومن ۽ او آءِ سي ??ي لاڳاپيل قراردادن جي خلاف ورزي آهي. هن ??يو ته اهو هڪ آزاد، خودمختيار ۽ متصل فلسطيني رياست جي امڪانن کي وڌيڪ ڪمزور ڪري ڇڏيندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ??يو ته اسان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪريون ٿا ته اها فلسطيني عوام جي خلاف قابض عملدارن جي انهن ڏوهن جو خاتمو ڪري ۽ گڏيل قومن جي چارٽر تحت فلسطيني عوام جي تڪليفن جو خاتمو ڪرڻ ??ي لاءِ پنهنجون ذميواريون پوريون ڪري.
پاڪستان پاران قابض اسرائيلي فوج پاران غزه جي عوام تي جاري ظلمن تي ڳڻتي جو اظهار
مضمون کا ماخذ : prêmios lotofácil