اسلام آباد-11 سيپٽمبر (اي پي پي) دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته سياسي اختلاف جمهوري?? جو حسن آهن، انه?? کي ذاتي دشمني ۾ تبديل نه ڪرڻ گهرجي، جمهوريت ۽ پارليامينٽ کي مضبوط بڻائڻ ۽ ان جي قدر ۽ منزل کي وڌائڻو پوندو. قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي خواجه محمد آصف چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جي ڳالهين سان ڪنه?? کي اختلاف نٿو ٿي سگهي، هائوس ۾ اسان جي وابستگي پارٽي سان ضرور آهي پر ايوان جون ذميواريون به اسا?? کي ادا ڪرڻيون آهن.سياسي اختلاف جمهوري?? جو حسن آهي ۽ ا?? کي ذاتي دشمني ۾ تبديل نه ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ميثاق جمهوريت ذريعي پهريون ڀيرو ٻن پارٽين ان سوچ جو بنياد رکيو ته اسا?? کي گڏجي پارلياماني جمهوريت جي حفاظت ۽ ا?? کي اڳتي وٺي وڃڻو آهي. ان سفر ۾ رڪاوٽ آئي پر ڪٿي به اهڙو وقت نه آيو. اسان 90 جي ڏهاڪي واري تلخي طرف واپس نه وياسين، 2013ع ۾ جڏهن ڌرڻو هنيو ويو ته اداري جي وقار ۽ سربلندي لاءِ سموريون پارٽيون متحد ٿي ويون، پارليامينٽ جي عمارت تي قبضو ٿيو، اسان پوئين دروازي مان هن عمارت ۾ داخل ٿيندا هئاسين. پ پ پ ان وقت ميثاق جمهوريت جي روح موجب عمل ڪيو. هن چيو ته نواز شريف، زرداري صاحب، زرداري جي ڀيڻ ۽ آئون پاڻ ج??ل ويو آهيان، ڪنهن جو پروڊڪشن آرڊر جاري نه ٿيو، اسان هائوس جي قدر ۽ منزل کي ڪمزور ڪرڻ ج?? ڪوشش نه ڪئي، جمهوريت ۾ ايئن ٿيندو آهي، اسان جي جمهوريت اڃان تائين پنهنجي پيرن تي بيهي نه سگهي آهي. اسا?? کي جمهوريت ۽ پارليامينٽ کي مضبوط بڻائڻو پوندو ۽ ان جي قدر ۽ منزل کي وڌائڻو پوندو.هن چيو ته اسا?? کي پروڊڪشن آرڊرز تي ڪو به اعتراض ناهي، جلسي ۾ جيڪا تقرير ٿي ۽ خيبرپختونخوا جي وڏي وزير جيڪا زبان استعمال ڪئي جيڪڏهن هو ائين نه ڪري ها ته اهو واقعو نه ٿئي ها. جيڪڏهن اهو ري ايڪشن ۾ نه هجي ها ته مان ان جي مذمت ڪريان ها، اوهان جڏهن حدون ڪراس ڪريو ٿا، اوهان جڏهن وفاق، آئي?? کي چئلينج ۽ جمهوريت جي قدر?? کي ڪمزور ڪريو ٿا، جڏهن اوهان لشڪر ڪشي جي ڳالهه ڪريو ٿا ۽ نالو وٺي ڄڃ وٺي اچڻ ج?? ڳالهه ڪريو ٿا ته اها جمهوريت ۽ آئين لاءِ خودڪشي جي برابر آهي، جلسي ۾ ڪيتريون ئي لائينون ڪراس ٿيون آهن، وفاق، آئين ۽ جمهوري قدرن جي حد?? کي پائمال ڪيو ويو. اسان جا اڳواڻ به گرفتار ٿيا آهن پر اسان ا?? کي اشو نه بڻايو، نظام کي برقرار رکڻ لاءِ اسان پنهنجو ڪردار جاري رکيو ۽ اسان اها ٻولي نه ڳالهائي جيڪا جلسي ۾ ڳالهائي وئي. عدالتن مان پنهنجي اڳواڻ?? کي آزاد ڪرائڻ تي ڪو به اعتراض ناهي. جيڪڏهن اهو سلسلو رهيو ته آئين ۽ ادارا مفلوج ٿي ويندا. سياست ۾ جيڪا تلخي آهي پاڪستان جي تاريخ ۾ ان جو مثال نٿو ملي. زرداري صاحب ڪنهن سزا کانسواءِ 11 سال جيل ۾ رهيو آهي، ٻئي طرف ڪيس موجود آهن انهن لاءِ آئي?? کي ڪمزور نه ڪيو وڃي ۽ ملڪي حد?? کي ڪراس نه ڪيو وڃي. هن چيو ته تلخين ۾ گهٽتائي ۽ هائوس جي بقاءَ لاءِ اسپيڪر کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته مسئلا سراسري گهٽجي رهيا آهن، مهانگائي ۾ گهٽتائي آئي آهي. مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي جنهن سان سمنڊ پار پاڪستانين جي ملڪ تي اعتماد جي عڪاسي ٿي رهي آهي. ايوا?? کي فعال بڻائڻ لاءِ اسپيڪر کي رستو ڪڍڻ گهرجي.
سياسي اختلاف جمهوريت جو حسن آهن، انهن کي ذاتي دشمني ۾ تبديل نه ڪرڻ گهرجي: خواجه آصف
مضمون کا ماخذ : jogos de azar no Brasil