اسلام آباد-30 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته اين ڊي ايم آر ايف جي شراڪتداري پا??ستان کي ڪهڙي ??ه طرح جي چئلينجز کي مُنهن ڏ??ڻ ۾ مدد ڪندي، 2022ع جي فلڊ ريسپانس ڪميٽيءَ جي سربراهي ڪرڻ کانپوءِ اسان ??ي اندر موسمياتي تبديلين کي مُنهن ڏيڻ جي صلاحيت آهي، قدرتي آفتن جي اڳيان ??ند نٿا ٻَڌي سگهون پر انهن جو مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت ۽ نقصانن کي گهٽ کان گهٽ درجي تي رکي سگهجي ٿو. پا??ستان ڪاربن جي عالمي نيڪال ۾ هڪ سيڪڙو کان ??ه گهٽ حصو وِجهي رهيو آهي، اڄ دنيا پا??ستان کي سيڙپڪاريءَ لاءِ محفوظ ملڪ طور ڏسي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن نيشنل ڊزاسٽر مئنجمينٽ جي حوالي سان ??قريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته اين ڊي ايم آر ايف جي شراڪتداري پا??ستان کي ڪهڙي ??ه طرح جي چئلينجز کي مُنهن ڏ??ڻ ۾ مدد ڪندي. پا??ستان ??نهن 10 ملڪن ۾ شامل آهي جيڪي موسمياتي تبديليءَ سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيا آهن. پا??ستان ڪاربن جي عالمي نيڪال ۾ صرف هڪ سيڪڙو کان ??ه گهٽ حصو وِجهي رهيو آهي. هن چيو ته پا??ستان ڪجهه ترقي يافته ملڪن جي غير محتاط رويي جو نشانو بڻيل آهي، ٻه سال اڳ پا??ستان ??دترين ٻوڏ کي مُنهن ڏنو جنهن جو ڪاٿو 30 ارب ڊالر جي نقصان ??ي صورت ۾ ٿيو. 2022ع ۾ عالمي ادارن ۽ ملڪن طرفان ٻوڏ سٽيلن جي بحاليءَ لاءِ ڏنل رقم جو مجموعي طور تي 5 کان 7 سيڪڙو گرانٽس جڏهن ته باقي رقم قرض جي مد ۾ ڏني وئي، جيڪو پئسو امدادي قرض جي صورت ۾ مليو اهو پا??ستان کي واپس به ڪرڻو آهي. احسن اقبال چيو ته 2022ع جي فلڊ ريسپانس ڪميٽي جي سربراهي ڪرڻ کانپوءِ مان ??نتهائي ذميواريءَ سان چوان ٿو ته اسان ??ي اندر موسمياتي تبديلين کي مُنهن ڏيڻ جي صلاحيت موجود آهي. 2022ع ۾ عالمي ماهرن طرفان چيو ويو ته ٻوڏ جي نتيجي ۾ ڪيتريون ئي وبائي مرض اُڀرندا، صوبائي حڪومتن ۽ عالمي ادارن جي مدد سان ??ثرائتي حڪمت عملي جي نتيجي ۾ پا??ستان وڏي تباهيءَ کان ??چي ويو. هن چيو ته 2010ع جي ٻوڏ ۾ 2 هزار کان وڌيڪ ماڻه?? فوت ٿيا. 2022ع جي ٻوڏ 3 ڀيرا وڌيڪ خطرناڪ هئي، تنهن هوندي به هڪ هزار فوتگيون ٿيون، جيڪڏهن اسان ??ثرائتي حڪمت عملي اختيار نه ڪريون ها ته 6 هزار ماڻه?? فوت ٿي سگهن پيا. هن چيو ته قدرتي آفتن اڳيان ??ند نٿا ٻَڌي سگهون پر ان ??و مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت ۽ نقصانن کي گهٽ کان گهٽ درجي تي رکي سگهجي ٿو. 77 سالن کان ??سان هڪ دائري ۾ ڦري رهيا آهيون، جڏهن اسان 60 جي ڏهاڪي ۾ ڪراچيءَ ۾ حبيب بئنڪ بلڊنگ بڻائي ته ڏکڻ ايشيا ۾ واويلا مچي وئي، اڄ هڪ سوال هر پا??ستانيءَ جي دل ۾ آهي ته اسان ڇو ٻين ڏکڻ ايشيائي ملڪن کان پوئتي آهيون، جيڪي ملڪ چار شيون امن، استحڪام، پاليسين جو تسلسل ۽ مسلسل سڌارا اختيار ڪندا آهن اهي ئي ترقيءَ جي ڊوڙ جي اهل هوندا آهن. هن چيو ته اپريل 2022ع تائين حڪمران پارٽيءَ هر اليڪشن هارائي هئي، هر ايم اين اي اسان ??ي پارٽيءَ جي ٽڪيٽ وٺڻ چاهي پيو، 4 مهينن جي اليڪشن مهم هلايون ها ته ملڪ ڊفالٽ ڪري وڃي ها. هن چيو ته اڄ دنيا پا??ستان کي سيڙپڪاريءَ لاءِ محفوظ ملڪ طور ڏسي رهي آهي، هوائن جو رُخ بدلجي رهيو آهي، انهن هوائن جو فائدو وٺي اسان پا??ستان کي اڳتي وٺي وڃي سگهون ٿا.
اين ڊي ايم آر ايف جي شراڪتداري پاڪستان کي هر طرح جي چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ ۾ مدد ڪندي: احسن اقبال
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نمبر