اسلام آباد-29 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق فلسطيني عوام سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جو عوام ۽ پارليامينٽ پنهنجي فلسطيني ڀائرن سان گڏ بيٺل آهن ۽ سندن خو?? اراديت واري حق جي حمايت ڪن ٿا، اسرائيل فلسطينين جي نسل ڪشي ڪري رهيو آهي. فلسطينين سان يڪجهتي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ سردار اياز صادق فلسطين ۾ جاري اسرائيلي جا??حي?? جي مذمت ڪئي. سندس چوڻ هوته فلسطين ۾ گذريل سال کان جاري اسرائيلي جا??حي?? سبب 44 هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن، شهيدن جي معصوم ٻارن، عورتن ۽ بزرگن جو وڏو انگ شامل آهي. اسپيڪر چيو ته اسرائيلي جا??حي?? دوران هڪ لک فلسطيني زخمي ۽ لکين بي گهر ٿي چڪا آهن، فلسطين ۾ جاري اسرائيلي جا??حي?? تي عالمي برادري جي خاموشي سمجهه کان ٻاهر آهي، عالمي برادري فلسطين ۾ جاري نسل ڪشي ۽ جبري لڏپلاڻ کي روڪڻ لاءِ عملي قدم کڻي، خطي ۾ پائيدار امن قائم ڪرڻ لاءِ فلسطين مسئلي جو حل اڻٽر آهي. سردار اياز صادق چيو ته اسرائيلي فوج طرفان ٻارن، عورتن ۽ معصوم شهرين جو قتل عام انتهائي شرمناڪ ۽ مذمت جوڳو آهي. فلسطين مسئلي جو واحد حل 1967ع کان اڳ جي سرحدن موجب آزاد فلسطيني رياست جو قيام ۽ بيت المقدس کي ان جو گادي وارو شهر بڻائڻ آهي. هن چ??و ته اسرائيلي جا??حي?? فلسطيني عوام جي خو?? اراديت واري حق جي تحريڪ کي دٻائي نٿي سگهي. پاڪستان فلسطيني عوام جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.
پاڪستان جو عوام ۽ پارليامينٽ پنهنجي فلسطيني ڀائرن سان گڏ بيٺل آهن: قومي اسيمبلي جو اسپيڪر سردار اياز صادق
مضمون کا ماخذ : کڑک