اسلام آباد-26 ڊسمبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب ??يو آ??ي ته ڍانچيوار سڌارن جي شروعات ڪري چڪا آهيون، آمدني ۽ کپت موجب ٽيڪس جي ادائيگي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪم جاري آهي، ٽيڪس ترميمي بل جو مقصد ٽيڪسن کي ساڍا 13 سيڪڙو تائين آڻڻ آهي، ٽيڪسن بابت اهي هدف اسان کي ٽن سالن ۾ حاصل ڪرڻا آهن. اسلام آباد ۾ مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ، سڌ سماءَ واري وزير عطا تارڙ ۽ ايف بي آر چيئرمين راشد محمود لنگڙيال سان گڏ پريس ڪانفرنس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب ??يو ته سڌارن واري ايجنڊا ۾ ٽيڪسيشن جو اهم ڪردار آهي، ٽيڪس ٽو جي ڊي پي جي موجوده شرح 9 کان 10 سيڪڙو جي وچ ۾ آهي، حڪومت ٽيڪس ۽ جي ڊي پي جي هدفن کي 13 سيڪڙو کان مٿي وٺي وڃڻ جي خواهشمند آهي. محمد اورنگزيب ??يو ته ناڻي واڌ کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ قدم جاري آهن، شفافيت لاءِ ڊجيٽلائيزيشن طرف وڃي رهيا آهيون ته جيئن انساني مداخلت کي هيٺين سطح تائين آڻي سگهجي. هن ??يو ته اسان روي??يو هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، جديد دور ۾ شفافيت لاءِ ڊجيٽلائيزيشن جي وڏي اهميت آهي. ناڻي واري وزير ??يو ته جيڪو ٽيڪس بل پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو آهي، ان جو مقصد آ??ي ته نان ڊڪليئريشن يا انڊر ڊڪليئريشن، يا طرز زندگي کي ٽيڪسن سان هم آهنگ ڪرڻ آهي، ان فارمل سيڪٽرز کي فارمل سيڪٽرز ڏانهن منتقل ڪيو ويندو، ٽيڪس پيئرز کي تنگ نه ڪيو ويندو. هن ??يو ته ڊجيٽلائيزيشن جي ڳالهه ڪئي وڃي ته اينڊ ٽو اينڊ ڊجيٽلائيزيشن آڻي انساني مداخلت کي گهٽ کان گهٽ ڪيو پيو وڃي، ته جيئن ڪرپشن جي شڪايتن کي به گهٽ ڪري سگهجي، نظام ۾ انساني مداخلت گهٽ ٿيڻ جو مطلب ڪرپشن ۾ گهٽتائي آهي. ناڻي واري وزير ??يو ته مارچ ۾ جڏ??ن اسان حڪومت جو سفر شروع ڪيو ته انهي وقت هي سسٽم ڊزائين ڪرڻ تي ڪم شروع ڪيو ويو هو، هاڻي اسان ان جي تڪميل جي ويجهو آهيون، ديانتداري سان ٽيڪس ڏيندڙن کي وڌيڪ بار کان بچائڻ تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون، ٽيڪس گيپ ۽ ليڪيجز کي روڪڻ تي ڪم ڪيو پيو وڃي ته جيئن عام ماڻهن تي وڌيڪ بار نه پوي. محمد اورنگزيب ??يو ته ڪجهه ڏينهن پهرين جڏهن آئون سيالڪوٽ چيمبر ۾ هئس، ??يو هو ته اسان ڪڪڙين ۽ دالين جي قيمتن جو جائزو ورتو هو، ته جڏهن ٽرانسپورٽيشن ۽ ٻين شعبن ۾ قيمتون گهٽ ٿي رهيون هيون ته ان ٻنهي آئٽمز جون قيمتون ڇو وڌي رهيون آهن، ان کانپوءِ اسان چيف سيڪريٽرين ۽ صوبن کي درخواست ڪئي، جنهن کانپوءِ ڪڪڙ ۽ دال جون قيمتون به گهٽ ٿيون آهن. ناڻي واري وزير ??يو ته سيلز ٽيڪس جو ج??ست??ئين تعلق آهي، ته ايف بي آر چيئرمين سمورين انڊسٽريز ۾ وڃي کين ان حوالي سان آگاهه ڪيو هو، سمورن سيڪٽرز ۾ گورننس بهتر بڻائي وئي آهي. ناڻي واري مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ ??يو ته مالي خساري کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ وزيراعظم جي سربراهي ۾ گورننس جو معيار بهتر ڪيو ويو، انهي سبب مهانگائي ۾ ساڍا 6 سالن جي تاريخي گهٽتائي اچي چڪي آهي، پنهنجي ٽيڪس جي وسيلن کي مناسب حد تائين وڌائڻو آهي ۽ کين برقرار رکڻو آهي، هن ??يو ته اسان چاهيون ٿا ته صرف پگهاردار طبقو ۽ صنعتون ئي ملڪ جو بار نه کڻن، پر هر شعبو پنهنجي صلاحيت ۽ حصي موجب ٽيڪس ڏي. اسان چاهيون ٿا ته سمورن شعبن کي فارمل سيڪٽر جو حصو بڻايو وڃي، ان لاءِ اسان کي نادرا ۽ ٻين اسان جي دوستن ڊيٽا فراهم ڪئي آهي، جنهن تي اسان انهن جا ٿورائتا آهيون. ايف بي آر چيئرمين راشد لنگڙيال ??يو ته ٽيڪسن جو مجموعي خال 7 هزار ارب روپين کان وڌيڪ آهي، اداري جي صلاحيت ۾ اضافو ڪيو پيو وڃي، 27 لک ماڻهو پنهنجا ٽيڪس گوشوارا جمع نه ڪرائي رهيا آهن، ٽيڪس نظام ۾ جديد ٽولز متعارف ڪرايا آهن. هن ??يو ته ٽيڪس ادائيگي لاءِ سڀني کي پنهنجي ذميواري نڀائڻي پوندي، اسان هڪ لک 90 هزار ماڻهن کي نوٽيس جاري ڪيا آهن، ان کانپوءِ 38 هزار ماڻهن ريٽرن فائل ڪري ڇڏيو، ٽيڪس وصولي ۾ اسان جو فوڪس ٽاپ 5 تي آهي. اي پي پي/م – ش/ر – م 15:47
سڌارن جي شروعات ڪري چڪا آهيون: ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : پاور بال