اسلام آباد – 06 – جنوري (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف انسا??ي اسمگلنگ ۾ ملوث سرڪاري اهلڪارن جي خلاف کنيل تازن قدمن کي ساراهيندي چيو آهي ته انسا??ي اسمگلرن جي سهولتڪار سرڪاري آفيسرن جي خلاف سخت ڪارروايون خوش آئنده آهن، انسا??ي اسمگلنگ ۾ ملوث سمورن گروهن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ انهن کي عبرت جو نشان بڻايو وڃي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪ ۾ انسا??ي اسمگلنگ جي خلاف قدمن جي حوالي سان جائزه اجلاس ٿيو. وز??راعظم ايف آءِ اي پاران انسا??ي اسمگلنگ ۾ ملوث سرڪاري اهلڪارن جي خلاف کنيل قدمن کي ساراهيندي چيو ته انسا??ي اسمگلرن جي سهولتڪار سرڪاري آفيسرن جي خلاف تازين سخت ڪاررواين جي شروعات خوش آئنده آهي. وز??راعظم هدايت ڪئي ته سهولتڪارن جي خلاف سخت ڪارروائي کانپوءِ سخت قدم پڻ کنيا وڃن. ملڪ ۾ انسا??ي اسمگلنگ جي سمورن گروهن جي خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ته جيئن اهي عبرت جو نشان بڻجن. وز??راعظم حڪم ڏنو ته انسا??ي اسمگلرن جي ملڪيتن ۽ اثاثن جي ضبطگي جي لاءِ فوري قانوني ڪارروائي عمل ۾ آن??ي وڃي ۽ ان مڪروهه ڌنڌي ۾ ملوث سمورن ماڻهن جي خلاف پراسيڪيوشن جي عمل کي وڌيڪ موثر بڻايو وڃي ۽ قانون ۽ انصاف واري وزارت سان مشاورت کانپوءِ اعليٰ ترين درجي جا وڪيل مقرر ڪيا وڃن. پرڏيهي آفيس ٻاهرئين ملڪن مان انسا??ي اسمگلنگ جو ڪاروبار هلائيندڙ پاڪستا??ين جي خلاف ڪارروائي جي لاءِ ڪيترن ئي ملڪن سان رابطو ڪري ۽ انهن جي پاڪستان حوالگي جي حوالي سان جلد کان جلد قدم کڻي. هن اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت کي گهرو وزارت جي تعاون سان عوام ۾ ٻاهرئين ملڪ نوڪرين جي لاءِ رڳو قانوني رستو اختيار ڪرڻ جي حوالي سان آگاهي مهم هلائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وز??راعظم چيو ته ملڪ ۾ اهڙن ٽيڪنيڪل ٽريننگ ادارن جو واڌارو ڪيو وڃي جيڪي موجوده دور جي گهرجن موجب سرٽيفائيڊ ۽ پيشيواراڻي مهارت رکندڙ افرادي قوت ٻاهرئين ملڪ فراهم ڪري سگهن. هن هوائي اڏن تي ٻاهرئين ملڪ ويندڙ ماڻهن جي اسڪريننگ جو عمل وڌيڪ موثر بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. اجلاس ۾ وز??راعظم کي ملڪ ۾ انسا??ي اسمگلنگ جي خلاف کنيل قدمن، سهولتڪارن جي خلاف قانوني ڪارروائي ۽ انسا??ي اسمگلنگ جي خاتمي لاءِ قانونسازي جي حوالي سان اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر عطاءُ الله تارڙ، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وز??ر انجنيئر امير مقام ۽ لاڳاپيل ادارن جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي.
وزيراعظم پاران انساني اسمگلنگ ۾ ملوث سرڪاري اهلڪارن جي خلاف کنيل تازن قدمن جي ساراهه
مضمون کا ماخذ : لوٹوفاسیل