ڪراچي – 31 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اقليتي برادرين سان تعلق رکندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي چٽاڀيٽي جي امتحانن جي تياري سان گڏوگڏ يونيورسٽين جي سطح تي سهولتون فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن اها ڳاهه هتي گورنر هائوس ۾ فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن (ايف پي اي?? سي) جي چيئرمين ڪيپٽن (ر) زاهد سعيد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته موجوده حڪومت کي فخر آهي ته اقليتن جي مسئلن ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ تي ڌيان ڏنو آهي. صدر کي ٻ??اي?? ويو ته هن وقت ملڪ ۾ اقليتن سان تعلق رکندڙ تقريبن 19 هزار وفاقي ملازم مختلف اسڪيلز تي مقرر آهن، هن اقليتي ملازمن کي اڳئين درجن ۾ وڌيڪ ترقين لاءِ تربيت ۽ تعليم فراهم ڪرڻ تي زور ڏنو. صدر کي وڌيڪ ٻ??اي?? ويو ته سي اي?? اي?? جو خصوصي امتحان جلد منعقد ڪيو وڃي ته جيئن سنڌ ۽ بلوچستان مان سيٽن جو بيڪ لاگ ڀري سگهجي. ان موقعي تي ايف پي اي?? سي جي چيئرمين صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي ايف پي اي?? سي جي سالياني رپورٽ 2020ع به پيش ڪئي.
صدر پاران اقليتي برادرين سان تعلق رکندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي چٽاڀيٽي جي امتحانن جي تياري سان گڏوگڏ يونيورسٽين جي سطح تي سهولتون فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور
مضمون کا ماخذ : میگا سینا اکمولاڈا