لاهور – 08 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته غلط بيان حلفي جمع ڪرائڻ تي شهباز شريف کي جيل وڃڻ گهرجي، شهباز شريف پنهنجي سي?? جي فڪر ڪري، وزيراعظم بڻجڻ وسري وڃي، هو ايم اين اي به نه ٿو بڻجي سگهي، مولانا فضل الرحمان، شهباز شريف ۽ بلاول جي آئيڊيالاجي پاڻ ۾ نه ٿي ملي، مخا??ف ڌر وڻ وڻ جي ڪاٺيءَ آهي، اهي اسلام آباد آيا ته انهن کي جدا جدا تنبو لڳائي ڏينداسين ته جيئن اهي پاڻ ۾ نه وڙهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پ??يس ڪانفرنس دوران صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي ڪيو. ان موقعي تي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت وارو وفاقي وزير شفقت محمود ۽ نوجوانن جي معاملن وارو خاص معاون عثمان ڊار پڻ موجود هئا. اطلاعات واري وفاقي وزير چ??و ته مخا??ف ڌر پاران مريءَ ۾ سخت موسمي حالتن تي به سياست چمڪائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، شاهد خاقان عباسي جنهن تڪ مان چونڊيو، کيس پنهنجي ماڻهن جي مدد لاءِ اتي وڃڻ گهرجي ها پر هو پنڊي ۾ ويهي پريس ڪانفرنس ڪندو رهيو. هن چ??و ته مريم نواز به بي حس سياست ڪئي، مخا??ف ڌر جي سياست اهميت نه ٿي رکي، انهن جو ڪم رڳو گوڙ ڪرڻ آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چ??و ته شهباز شريف غلط بيان حلفي جمع ڪرايو، ايندڙ هفتي وفاقي حڪومت پاران لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ان ڏس ۾ ڪيس فائيل ٿي ويندو، شهباز شريف کي پنهنجي سي?? جي فڪر ڪرڻ گهرجي، وزيراعظم بڻجڻ وسري وڃي، هو ايم اين اي به نه ٿو بڻجي سگهي، ان ڪيس ۾ 5 سال جي نااهليت آهي. بلدياتي چونڊن جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ چوڌري فواد حسين چ??و ته اسان هڪ جهڙو نظام چاهيو پئي پر اسان جي اتحادين سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي ته پنجاب ۾ ضلعي سطح تي سڌوسنئون چونڊون ڪرايون وڃن. نظام هڪ ئي آهي، خيبرپختونخواهه ۾ تعلقي سطح تي سڌوسنئون چونڊون ٿيون، هتي ضلعي سطح تي چونڊون ٿينديون. احتساب جي حوالي سان سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چ??و ته نواز شريف ۽ مريم نواز کي سزا ٿي چڪي آهي، شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جا ڪيسز عدالتن ۾ آهن، ايندڙ 6 کان 8 مهينن ۾ وڏيون مڇيون ان تالاب مان ٻاهر هونديون، ايندڙ چونڊن ۾ اهي ماڻهو نه هوندا. چوڌري فواد حسين چ??و ته زرداري صاحب کان اومني اڪائونٽس ڪيس ۾ 12 ارب رپين کان وڌيڪ جي ريڪوري ٿي چڪي آهي. هن چ??و ته پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ ماڻهن جي خواهش هئي ته احتساب جو عمل وڌيڪ تيز ٿيڻ گهرجي. هڪ سوال تي هن چ??و ته جهانگير ترين پ??رٽي جي خلاف ڪو بيان ناهي ڏنو، شادي وغيره جي تقريبن ۾ گپ شپ ٿيندي رهندي آهي. ڏکڻ پنجاب، اتر پنجاب يا سي??ٽرل پنجاب هجي سڄي ملڪ مان ووٽ عمران خان جو آهي، اسان کي عمران خان جي نالي تي ووٽ مليو آهي، عمران خان جي نالي تي ووٽ وٺي اسان اسيمبلين ۾ آيا آهيون. هن چ??و ته لانگ مارچ اصل ۾ لونگ گواچه آهي، مخا??ف ڌر ان جي ڳولا ۾ نڪتل آهي، مخا??ف ڌر جي نه ڪا سياست آهي ۽ نه ئي ڪو مقصد. هن چ??و ته فضل الرحمان، شهباز شريف ۽ بلاول جي آئيڊيالاجي پاڻ ۾ نه ٿي ملي، بنيادي طور تي مخا??ف ڌر وڻ وڻ جي ڪاٺي آهي، اهي اسلام آباد آيا ته اسان انهن کي جدا جدا تنبو لڳائي ڏينداسين ته جيئن اهي پاڻ ۾ نه وڙهن، انهن جا جيترا ماڻهو آهن اهي تنبوئن ۾ اچي ويندا.
غلط بيان حلفي جمع ڪرائڻ تي شهباز شريف کي جيل وڃڻ گهرجي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : بلوچستان لاٹری