واشنگٽن _ 14 مئي (اي پي پي ) آمريڪا جي صدر جوبائيڊن جي اعلى قومي ??لامتي جي صلاحڪار جيڪ سليوان جو چوڻ آهي ته آمريڪا ان ڳالهه تي يقين نٿو رکي ته غزه ۾ نسل ڪشي ٿي رهي آهي پر اسرائيل کي فلسط??ني شهرين جي تحفظ لاءِ وڌيڪ ??دم کڻڻ گهرجن . اي ايف پي مطابق وائٽ هائوس جي قومي ??لامتي جي صلاحڪار جيڪ سيلوان چيو ته اسان کي يقين آهي ته اسرائيل معصوم شهرين جي تحفظ ۽ ڀلائي کي يق??ني بڻائڻ لاءِ وڌيڪ ??دم کڻي سگهي ٿو ۽ کڻڻ چاهي ٿو . هن چيو ته آمريڪي صدر جو خيال هو ته رفع آپريشن کي هڪ اسٽريٽجڪ اينڊ گيم سان جوڙڻو پوندو جنهن ۾ ان سوال جو به جواب آهي ته ان لاءِ اڳتي ڇا ڪرڻو پوندو . هن چيو ته اهو ??دم اسرائيل کي نه ختم ٿيندڙ ??غا??ت جي روڪ ٿام جي مهم کان بچائيندو جنهن سان اسرائيل جي طاقت ۽ قوت ختم ٿي سگهي ٿي .
مضمون کا ماخذ : گرم گرم