گڏيل قومون -01 آگسٽ (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو ??وت??يش اسرائيلي جيلن ۾ قيد هزارين فلسطيني شهرين سان غير انساني سلوڪ اختيار ڪرڻ جي حوالي سان گڏيل قومن جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر جي رپورٽ کي ??نتهائي خوفناڪ قرار ڏيندي ان تي سخت صدمي جو اظهار ڪيو آهي. رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته اسرائيل طرفان گذريل سال آڪٽوبر بعد مردن، عورتن، ٻارڙن، ڊاڪٽرن، صحافين ۽ انساني حقن جي تحفظ لاءِ ڪم ڪندڙ فلسطينين جي وڏي انگ کي ??راست ۾ وٺي ??ڏي?? آهي ۽ انهن مان اڪثريت کي ??نان ڪنهن الزام يا داخل ڪيسن جي حراست ۾ رکيو ويو آهي. گڏيل قومن جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر (او ايڇ سي ايڇ آر) جي آفيس جي رپورٽ مطابق فلسطيني قيدين سان بدسلوڪي، تشدد ۽ غير انساني سلوڪ اختيار ڪندي کين انتهائي افسوسناڪ حالت ۾ رکيو ويو آهي. گڏيل قومن جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر پنهنجي رپورٽ جاري ڪرڻ جي موقعي تي چيو آهي ته سندس آفيس ۽ ٻين ادارن طرفان گڏ ڪيل شاهديون فلسطيني قيدين سان اسرائيلي اهلڪارن جي خوفناڪ سلوڪ جن ۾ واٽر بورڊنگ ( پاڻي ۾ ٻوڙڻ) ۽ مٿن ڪتا بڇڻ جهڙين ٻين ڪاررواين جي نشاندهي ڪن ٿيون جيڪي انساني حقن ۽ عالمي قانونن جي سڌي ڀڃڪڙي آهن. رپورٽ مطابق 07 آڪٽوبر 2023ع کان هاڻ?? تائين گهٽ ۾ گهٽ 53 فلسطيني قيدي اسرائيلي فوجي جيلن ۽ ٻين هنڌن تي مارجي چڪا آهن. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته غزه ۾ اسرائيلي حراست هيٺ قيدين ۾ فلسطيني پناهگيرن کي ??مداد پهچائيندڙ گڏيل قومن جي ايجنسي ( يو اين آر ڊبليو اي) جو عملو به شامل آهي. جن کي فلسطيني شهرين کي ??سڪولن، اسپتالن، ۽ رهائشي عمارتن ۾ پناهه ڏيندي حراست ۾ ورتو ويو آهي. فلسطيني قيدين کي قيد دوران کاڌي ۽ پاڻي کان محروم رکيو وڃي ٿو ۽ کين ننڊ به نه ٿي ڪرڻ ڏني وڃي ۽ بجلي جا ڪرنٽ به ڏنا وڃن ٿا. بدترين ڳالهه اها آهي ته ڪجهه قيدي عورتن ۽ مردن کي ??نسي تشدد جو پڻ نشانو بڻايو وڃي ٿو.
اسرائيلي جيلن ۾ قيد هزارين فلسطيني شهرين سان غير انساني سلوڪ جي حوالي سان گڏيل قومن جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر جي رپورٽ جاري، سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش پاران صدمي جو اظهار
مضمون کا ماخذ : سانتا کا سرپرائز