واشنگٽن-11 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير رضوان سعيد شيخ گذريل ڏينهن وڌيڪ چار آمريڪي ڪانگريس ميمبرن سان ڌار ڌار مل??قاتون ڪيون، انهن مل??قاتن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ سيڙپڪاري، واپار کي هٿي ڏيڻ جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. واشنگٽن ۾ پاڪستاني سفارتخاني طرفان جاري بيان موجب آمريڪي ڪانگري?? جي ريپبلڪن ميمبر رچ ميڪ ڪارمڪ سان مل??قات ۾ پاڪستاني سفير پاڪ آمريڪا ٻطرفن ??اڳ??پن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي اقتصادي تعاون ۽ سيڪيورٽي تعاون جون راهون وڌائڻ تي ڌيان ڏنو ويو. ڪانگري?? جي ڊيموڪريٽ ميمبر جيسمين ڪروڪٽ سان مل??قات ۾ سفير رضوان سعيد شيخ ٻطرفن ??اڳ??پن ۽ پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ عوامي سطح تي رابطن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پاڪستاني سفير 2025ع ۾ ٽيڪسا?? جي هڪ واپاري وفد کي پاڪستان اچڻ جي دعوت ڏني جنهن کي جيسمين ڪروڪٽ اصولي طور تي قبول ڪري ورتو. سفير رضوان سعيد شيخ ۽ ڪانگري?? جي ريپبلڪن ميمبر ارل بڊي ڪارٽر سان مل??قات ۾ ٻطرفن ??اڳ??پن تي ڳالهين کانسواءِ اقتصادي ميدان ۾ رياست جارجيا سان تعاون جي امڪانن جو جائز?? ورتو ويو، پاڪستاني سفي?? ريپبلڪن ميمبر نيل ڊن سان به مل??قات ڪئي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻطرفي ??اڳ??پن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. مل??قات ۾ فلوريڊا سان واپار، سيڙپڪاري، آءِ ٽي ۽ زراعت تي تعاون کي وڌائڻ تي به خيالن تي به ڏي وٺ ڪئي وئي.
آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير جي واشنگٽن ۾ چار آمريڪي ڪانگريس ميمبرن سان ملاقاتون، سيڙپڪاري، واپار سميت گڏيل لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا جیک پاٹ