اسلام آباد – 27 جو??اءِ (اي پي پي) اليڪش?? ڪميشن ٻڌايو آهي ته عام چونڊن ۾ مجموعي ٽرن آئوٽ 51.85 سيڪڙو رهيو، پنجاب صوبي ۾ 55 سيڪڙو، سنڌ ۾ 48 سيڪڙو، ڪي پي ڪي ۾ 45 ۽ بلوچستان ۾ 44 سيڪڙو رهيو، سڀ کان وڌيڪ ٽرن آئوٽ پنج??ب ۾ رهيو جڏهن ته سڀ کان گهٽ بلوچستان ۾ رڪارڊ ڪيو و??و. ??ومي اسيمبلي ۽ چئني صوبائي اسيمبلين جي 840 مان 832 سيٽن جا نتيجا اچي ويا آهن، قومي اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ 114 سيٽون حاصل ڪيون آهن جڏهن ته پنج??ب ۾ مسلم ليگ (ن) سڀ کان وڌيڪ سيٽون حاصل ڪيون آهن. اليڪش?? ڪميشن جي ڊائريڪٽر اليڪشن نديم قاسم اليڪش?? ڪميشن جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته قومي اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ 114، مسلم ليگ (ن) 63 ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي 43 سيٽون حاصل ڪيون آهن، ايم ايم اي 11، متحده قومي موومينٽ پاڪستان 6 سيٽون حاصل ڪيون جڏهن ته 14 آزاد اميدوار ڪامياب ٿيا آهن
مضمون کا ماخذ : گولڈ رش