اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان جي ??خصوص جاگرافيائي ۽ اسٽريٽجڪ بيهڪ ۽ سعودي عرب جي خصوصي اهميت هڪ اهڙو ڳانڍاپو آهي جيڪو اسان جي ??ستقبل لاءِ تمام اهم آهي، ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي ??اڪستان جي دوري سان تمام گهڻي خوشي ٿي آهي، سعودي عرب جي جيلن ۾ قيد 2107 پاڪستانين جي آزادي جي اعلان تي ولي عهد جا خصوص ٿورا مڃان ٿو جڏهن ته سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان چيو آهي ته پاڪستان ۾ هو پنهنجي گهر وانگر محسوس ڪري رهيو آهي، سعودي عرب پاڪستان جي ??ستقبل تي يقين رکي ٿو، پاڪستان وٽ وسيع تر ??وق??ا ۽ صلاحيت موجود آهي، 2030ع ۾ پ??ڪستان چين ۽ ڀارت کانپوءِ ٽئين وڏي معيشت هوندي، ترقي جي سفر ۾ پ??ڪستان سان گڏ هونداسين. اهڙن خيالن جو اظهار سعودي ولي عهد پاڪستان جي دوري جي ??ڄاڻي تي وزيراعظم عمران خان سان گڏ ميڊيا سان گڏيل ڳالهائيندي ڪيو.
سعودي عرب سان ڳانڍاپو مستقبل لاءِ تمام اهم آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : جیک اور بین اسٹالک