اسلام آباد – 05 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ٽي??س سڌارن جو مقصد ٽي??س جي نظام کي آسان بڻائڻ آهي، سڌارن سان ٽي??س جي نظام ۾ موجود خامين کي ختم ڪيو ويندو، ٽي??س نظام اهڙي طرح ترتيب ڏنو وڃي ته ڪاروبار آسان ۽ معيشت ترقي ڪري. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي ٽي??س سڌارن بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، ناڻي وارو وفاقي وزير ڊ??ڪٽر عبدالحفيظ شيخ، منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير اسد عمر، صنعت ۽ پيداوار وارو وفاقي وزير حماد اظهر، وزيراع??م جو واپار وارو خصو??ي صلاحڪار عبدالرزاق دائود، وزيراع??م جو خصوصي مددگار ڊ??ڪٽر عشرت حسين، ڊاڪٽر وقار مسعود، تابش گوهر، نديم بابر، سيڙپڪاري بورڊ وارو چيئرمين ۽ ٻيا سينئر آفيسر شريڪ هئا. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ٽي??س سڌارن جو مقصد ٽي??س جي نظام کي آسان بڻائڻ ۽ نظام ۾ موجود خامين کي ختم ڪرڻ آهي.
ٽيڪس سڌارن جو مقصد ٽيڪس جي نظام کي آسان بڻائڻ ۽ موجود خامين کي ختم ڪرڻ آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : بہت کچھ