اسلام آباد – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سنڌ جي گورنر کي هدايت ڪئي آهي ته ربيع الاول جي پهرين عشره کي نبي آخرالزمان حضرت محمد ﷺ جي سيرت طيبه ۽ تعليم کي سڄي صوبي ۾ اجاگر ڪرڻ جي لاء?? تقريبون م??عقد ڪيون وڃن. وزيراعظم سان سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ 12 ربيع الاول شايان شان طريقي سان م??هائڻ جي حوالي سان مختلف قدمن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سنڌ جي گورنر وزيراعظم کي ٻڌايو ته 12 ربيع الاول جي مناسب?? سان هڪ عظيم الشان ڪانفرنس منعقد ڪئي پئي وڃي جنهن ۾ ناليوارن اسڪالرز، مذهبي عالم سڳورن کي گهرايو ويندو. سنڌ جي گورنر وزيراعظم کي شرڪت ۽ خطاب جي درخواست ڪئي جنهن کي وزيراعظم منظور ڪيو. وزيراعظم وڊيو لنڪ ذريعي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو. ڪانفرنس جي تاريخ جو اعلان جلد ڪيو ويندو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته عشره کي نبي آخرالزمان حضرت محمد ﷺ جي سيرت طيبه ۽ تعليم کي سڄي صوبي ۾ اجاگر ڪرڻ جي لاء?? تقريبون م??عقد ڪيون وڃن.
وزيراعظم عمران خان سان سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : سمندری ڈاکو گولڈ