اسلام آباد – 13 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مم??ڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته عمران ??ان کي اوورسيز پاڪستاني عزيز آهن، انهي لاءِ اوورسيز پاڪستانين کي ووٽنگ جو حق ڏياريو، 30 ارب ڊالر جي مٽاسٽا جو ناڻو پاڪستان ??چي رهيو آهي، ايندڙ سال اهو 35 ارب ڊالر کان ??ه وڌي ويندو، زرداري، بلاول، مريم صفدر کي دعوت آهي ته اهي اچن ڏسن ڪنوينشن ۾ فارن فنڊنگ وارا ويٺل آهن، جيڪو کڏو پي ٽي آءِ جي لاءِ کوٽيو ويو ان ۾ (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي پاڻ ڪرندي. اهڙن خيالن جو اظهار اطلاعات ۽ نشريات واري مم??ڪتي وزير فرخ حبيب ٽن ڏينهن واري اوورسيز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي ڪيو. فرخ حبيب چيو ته اوورسيز ڪنوينشن ۾ فارن فنڊنگ وارا ويٺل آهن. فرخ حبيب چيو ته اسان ??ن ليڊر سان گڏ قدم سان ملائي بيٺل آهيون جنهن تي اسان پنهنجو سينو ويڪرو ڪري فخر سان ڳالهه ڪري سگهون ٿا ته عمران ??ان ۽ انهن ۾ فرق آهي. مم??ڪتي وزير چيو ته عمران ??ان 40 سالا ڪمائي ٻاهرئين ملڪ مان ڪرڪيٽ ۾ ڪئي ۽ عمران ??ان ??ي ڊپ کان ڦورن جو گلدستو توهان کي نظر اچي رهيو آهي. مم??ڪتي وزير چيو ته اڳوڻن حڪمرانن کي مني لانڊرنگ، ملڪيتون ٺاهڻ ۽ ٻاهرئين ملڪ علاج، ڦرلٽ ڪري مفروري پسند آهي جڏهن ته عمران ??ان کي اوورسيز پاڪستاني عزيز هئا، ان لاءِ عمران ??ان ??وورسيز پاڪستانين کي ووٽنگ جو حق ڏياريو. هن چيو ته 30 ارب ڊالر جو مٽاسٽا جو ناڻو پاڪستان ??چي رهيو آهي، ايندڙ سال اهو 35 ارب ڊالر کان ??ه وڌي ويندو جنهن سان پاڪستان ??ي معيشت وڌيڪ بهتر ٿيندي. فرخ حبيب چيو ته سپريم ڪورٽ مان ??ادق امين عمران ??ان ٿئي ٿو، 40 سالا رڪارڊ پيش ڪري ٿو. مم??ڪتي وزير چيو ته اوورسيز جي لاءِ پاور آف اٽارني، وراثتي سرٽيفڪيٽ ۾ آساني پيدا ڪئي وئي، سائي پاسپورٽ جي عزت جو سبب اهو آهي ته عمران ??ان ??ي دل ۾ حب الوطني جو جذبو آهي، جڏهن کان ??مران ??ان ??قتدار ۾ آيو آهي اوورسيز پاڪستانين کي وڌيڪ عزت سان ڏٺو پيو وڃي. فرخ حبيب چيو ته پاڪستان معاشي طور تي پنهنجي پيرن تي بيهڻ وڃي رهيو آهي، گڏيل قومن جو فورم هجي يا ڪو به عالمي فورم هجي اتي اسلامو فوبيا درپيش هئي. مم??ڪتي وزير چيو ته اهي ڪرپٽ ماڻهو ايبسليوٽلي ناٽ نه ٿا چئي سگهن ڇو ته انهن جا مفاد آڏو اچن ٿا. فرخ حبيب چيو ته عمران ??ان ??من جو خواهشمند اهي، ان کي سڀني ڳالهين جي خبر آهي، اسان ڪنهن کي ناراض نه ٿا ڪرڻ چاهيون، پنهنجي لاڳاپا بهتر چاهيون ٿا. فرخ حبيب چيو ته عمران ??ان ??زاداڻي پرڏيهي پاليسي جو بنياد رکيو آهي، ان کي پرچين جي ضرورت نه آهي. مم??ڪتي وزير چيو ته مخالف ڌر جيتري مرضي بي اعتمادي رٿ کڻي اچي، عمران ??ان ??ي اعتماد پلس ٿيڻ وڃي رهيو آهي، ماضي ۾ هتي ڊرون حملن جي اجازت پنهنجي صحيحن سان ڏني ويندي رهي، هاڻي اهو دور هلي ويو آهي. مم??ڪتي وزير چيو ته عمران ??ان پاڪستانين جي عزت ۽ تڪريم جي لاءِ هر حد تائين وڃن لاءِ تيار آهي. فرخ حبيب چيو ته پي ٽي آءِ پهريون ڀيرو پوليٽيڪل فنڊ ريزنگ جو ڪانسپٽ متعارف ڪرايو آهي، ماضي ۾ 20، 20 ڪروڙ وٺي وزارتون ۽ عهدا وڪرو ڪيا ويندا رهيا. فرخ حبيب چيو ته اليڪشن ڪميشن اسڪروٽني ڪميٽي کي فوري طور فعال ڪري ته جيئن (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي فارن اڪائونٽس جي ڇنڊڇاڻ ٿي سگهي. مم??ڪتي وزير چيو ته بلاول ۽ مريم کي چئلينج آهي ته پنهنجي 100 ڊونرز جو رڪارڊ پيش نه ٿا ڪري سگهن. هن چيو ته جيڪو کڏو پي ٽي آءِ لاءِ کوٽيو ويو ان ۾ (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي پاڻ ڪرندي. مم??ڪتي وزير چيو ته عمران ??ان نظريي، همت، جرئت جو نالو آهي جيڪو نه جُهڪي ٿو ۽ نه قوم کي جهُڪڻ ڏيندو. فرخ حبيب چيو ته وزيراعظم عمران ??ان ??ي صحت انصاف ڪارڊ، گهٽ آمدني هائوسنگ، احساس پروگرام سميت سمورن قدمن کي سڄي دنيا ۾ ساراهيو پيو وڃي.
عمران خان کي اوورسيز پاڪستاني عزيز آهن، انهي لاءِ اوورسيز پاڪستانين کي ووٽنگ جو حق ڏياريو: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : loteria estadual