دوحه – 24 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف قطر جي امير جي والد شيخ حمد بن خليفا الثاني ۽ والده موزه بنت نصر سان ملاقات ڪئي ۽ ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ انهن جي ڪردار کي ساراهيو. وزيراعظم آفيس ج?? ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پنهنجو ۽ پنهنجي وفد جو گرمجوشي سان استقبال ڪرڻ تي قطر جي امير جي والد جا ٿورا مڃيا، ان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو ا??هار ڪيو ۽ گڏيل اعتماد ۽ حمايت جي مضبوط بنياد تي قائم قطر سان پراڻن ۽ ويجهن لاڳاپن کي پاڪستان پاران ڏيندڙ اهميت جو ??ڪر ڪيو. 1999ع ۽ 2017ع ۾ قطر جي امير جي والد جي پاڪستان جي دورن جو ??ڪر ڪندي وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾لاڳاپا مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ان جي ڪردار کي ساراهيو ۽ ان جي دور ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۾ استحڪام جو ا??تراف ڪيو. قطر جي امير جي والده شيخه موزه بنت نصر جي سرپرستي ۾ ”تعليم سڀ کان وڌيڪ“ پروگرام جو ??ڪر ڪندي وزيراعظم انساني همدرديءَ ۽ خيراتي سرگرمين جي لاءِ ان جي ڪوششن ۽ پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ خاص طور تي اسڪول کان ٻاهر ٻارن جي داخلا لاءِ خدمتن کي ساراهيو. وزيراعظم قطر ۽ پاڪستان جي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪندڙ قطر ۾ رهندڙ 2 لک کان وڌيڪ پاڪستانين ج?? ميزباني تي قطر جي امير جي والد جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم قطر جي ويزن 2030ع جي حوالي سان قطر سان وڌيڪ تعاون جي خاطري ڪرائي. وزيراعظم فيفا ورلڊ ڪپ 2022ع ج?? ميزباني تي قطر جي لاءِ خيرسگالي جذبن ۽ نيڪ خواهشن جو ا??هار ڪيو. وزيراعظم ان کي پاڪستان جي دوري جي دعوت به ڏني.
وزيراعظم جي قطر جي امير جي والد ۽ والده سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : فائر جوکر