اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) پا??ستان جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کان متاثر ماڻهن جي مدد جي لاءِ قطر کان امدادي سامان کڻي 2 جهاز جمعي ڏينهن ڪراچي جي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ ت?? پهچي ??يا. پرڏ??هي آفيس جي ترجمان موجب قطر کان انساني امداد جي ٻن جهازن مان ٻئي جهاز جو پرڏ??هي وزارت ۽ نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي نمائندن استقبال ڪيو. انساني امدادي سامان ۾ کاڌي جون ٽوڪريون، خيما ۽ ذاتي حفظان صحت جون ڪٽس شامل آهن. ترجمان چيو ته ڀائر ملڪ قطر پاران ٻوڏ سٽيلن جي وقت سر امداد تي پا??ستاني عوام پاران ٿورا مڃيا ??يا. ان کان اڳ جمعي ڏينهن ئي ٻوڏ کان متاثر ماڻهن جي مدد لاءِ قطر کان امدادي سامان کڻ?? پهريون جهاز پا??ستان پهتو هو، قطر کان انساني امداد ج?? پهرين جهاز جو جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ ڪراچي تي سنڌ جي محنت واري صوبائي وزير سعيد غني، سماجي ڀلائي واري صوبائي وزير محمد ساجد جوکيو ۽ قطر جي قونصلر جنرل مشال الانصاري کانسواءِ پرڏ??هي وزارت ۽ نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي نمائندن استقبال ڪيو. ترجمان پا??ستان جي ٻوڏ سٽيلن جي لاءِ امدادي سامان موڪلڻ جي آجيان ڪندي قطر جا ٿورا مڃيا آهن.
ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ قطر کان امدادي سامان کڻي 2 جهاز ڪراچي پهچي ويا
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری آن لائن