اسلام آباد – 05 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته آمريڪي هم منصب مائيڪل پومپيو سان ملا??ات خوشگوار رهي، پاڪستان جو موقف خودداري ۽ ذميواري سان پيش ڪيو، آمريڪا پاڪستان جي حوالي سان پنهنجي پاليسي جو نئين سر جائز?? ورتو آهي ۽ اسلام آباد کان ڊومور جو ڪو وڌيڪ مطالبو نه ڪيو. پرڏيهي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا خطي ۽ عا??مي امن ۽ استحڪام جي لاءِ پنهنجي لاڳاپن ۾ اڳڀرائي تي اتفاق ڪيو. شاهه محمود قريشي چيو ته آمريڪي پرڏيهي وزير سان ملا??ات دوران اسان پاڪستان جو حقيقت پسنداڻو موقف ذميواري ۽ خودداري سان پيش ڪيو.
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا سانتا کیٹرینا