اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪراچي نيوڪليئر پاور پلانٽ يونٽ – 2 (ڪي – 2) جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي. ڪراچي ۽ بيجنگ ۾ پاور پلانٽ جي افتتاح جي تقريبن جو ورچوئل انعقاد ڪيو ويو جنهن ۾ وزيراعظم عمران خان اسلام آباد م??ن شرڪت ڪئي، تقريب ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاق?? وزير چوڌري فواد حسين، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاق?? وزير شبلي فراز، توانائي واري وفاق?? وزير عمر ايوب خان، وفاق?? وزير حماد اظهر، ايٽامڪ انرجي ڪم??شن جو چيئرمين محمد نعيم ۽ ٻين به شرڪت ڪئي. ايٽامڪ انرجي ڪم??شن جي چيئرمين وزيراعظم عمران خان جو تقريب ۾ شريڪ ٿيڻ تي ٿورو ادا ڪيو. انٽرنيشنل ايٽامڪ انرجي ايجنسي جو ڊائريڪٽر جنرل رافيل گروزي به تقريب کي ورچوئل خطاب ڪيو ۽ پاڪستان جي پرامن مقصدن لاءِ ايٽمي توانائي جي استعمال کي ساراهيو ۽ ان کي محفوظ ۽ ماحول دوست قرا?? ڏنو. چائنا ايٽامڪ انرجي اٿارٽي جي چيئرمين پاڪ چين سفارتي لاڳاپن جي سالگرهه جي مبارڪباد ڏيندي ان منصوبي کي پاڪ چين دوستي جو مظهر قرا?? ڏنو ۽ چيو ته چين پاڪستان سان تعاون جاري رکندو، ڊي جي ايس پي ڊي ۽ لاڳاپيل عملدار به ان موقعي تي موجود هئا. ڪي ٽو نيوڪليئر پاور پلانٽ جديد ترين نوعيت جو جنر??شن ٿري جو نيوڪليئر پاور پلانٽ ??هي جيڪو حفاظت ۽ سيفٽي جي جديد ترين انتظامن سان ليس آهي، ان ۾ اندروني ۽ ٻاهرين تحفظ ۽ حادثن کان بچاءُ کانسواءِ ايمرجنسي جي صورت ۾ بچاءُ ۽ ازالي جي جديد ترين سهولتون شامل آهن.
وزيراعظم پاران ڪراچي نيوڪليئر پاور پلانٽ يونٽ – 2 (ڪي – 2) جو افتتاح
مضمون کا ماخذ : کوئی شہزادی۔