اسلام آباد – 17 آگسٽ (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي ڪري پنجاب کانپوءِ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 95 فوتگيون ٿيون جنهن مان 43 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سي??ٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 3 هزار 221 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان بهاولپور ۾ 48 سيڪڙو، پشاور ۾ 44 سيڪڙو، ملتان 45 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 48 سيڪڙو مريض آهن.
اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان ايبٽ آباد ۾ 73، ڪراچي ۾ 58 سيڪڙو، گجرانوالا ۾ 57 سيڪڙو ۽ سوات ۾ 45 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 87 هزار 423 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 13 هزار 695، پنجاب ۾ 20 هزار 496، خيبرپختونخواهه ۾ 8 هزار 9، اسلام آباد ۾ 3 هزار 966، بلوچستان ۾ 456، گلگت بلتستان ۾ 676، آزاد ڪشمير ۾ 883 ٽيسٽ شامل آهن.
هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 9 لک 93 هزار 304 ٿي چڪو ??هي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه ??هي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 492 ??ريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 87 هزار 423 ??هي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 11 لک 5 هزار 300 ??هي.