اسلام آباد – 06 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد ??هب??ز شريف عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) کي خاطري ڪرائي آهي ته پاڪستان آءِ ايم ايف جي جاري پروگرام کي ڪاميابي سان مڪمل ڪرڻ ج?? لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم ??هب??ز شريف سان آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ سان ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان تي گهري همدردي ۽ ??فس??س جو اظهار ڪندي ان مشڪل وقت ۾ پاڪستان جي مدد جو عزم ڪيو. وزيراعظم ٻوڏ جي نقصانن تي همدردي ۽ ??فس??س تي آءِ ايم ايف ج?? ايم ڊي جا ٿورا مڃيندي جنيوا ۾ 9 جنوري تي ٿيندڙ عالمي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. آءِ ايم ايف ج?? ايم ڊي وزيراعظم پاران ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت تي سندس ٿورا مڃيندي وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ته آءِ ايم ايف جي بورڊ جو 9 ۽ 10 جنوري تي اجلاس اڳ ۾ طئي ٿيل آهي ان لاءِ هو ورڇوئل طور ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿي سگهندي. وزيراعظم ايم ڊي فنڊ کي خاطري ڪرائي ته پاڪستان آءِ ايم ايف جي جاري پروگرام کي ڪاميابي سان مڪمل ڪرڻ ج?? لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم پاڪستان کي درويش چئلينجز جي ادراڪ ۽ همدردي ت?? ايم ڊي جا ٿورا مڃيا.
پاڪستان آءِ ايم ايف جي جاري پروگرام کي ڪاميابي سان مڪمل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : estatísticas quina