اسلام آباد– 16 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن ج?? اڳوڻي صدر عبدالطيف آ??ري??ي جي قتل جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته لالا عبدالطيف آ??ري??ي جي بي رحماڻي قتل تي انتهائي ڏک آهي. هن سڄي عمر آئين جي سربلندي، جمهوريت، قانون جي حڪمراني ۽ انساني حقن جي لاءِ جدوجهد ڪئي. پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف خيبرپختونخواهه ۾ امن امان جي خراب ٿيندڙ صورتحال کي ڳڻتي جوڳو قرار ڏيندي خيبرپختونخواهه جي حڪومت تي زور ڏنو آهي ته اها دهشتگردن کي قانون موجب عبرتناڪ سزا ڏياري. وزيراعظم شهباز شريف عبدالطيف آ??ري??ي جي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته هو هڪ اعليٰ قانوندان ۽ بهادر سياس?? اڳواڻ هو. مادر م??ت محترمه فاطمه جناح جي حمايت تي ان کي يونيورسٽي مان ڪڍيو ويو هو، هو حق جي ڳالهه ڪندو هو ۽ نتيجن جي پرواهه نه ڪندو هو. وزيراعظم ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪ??و ته اڄ آئين، جمهوريت ۽ قانون جي حڪمراني جو هڪ سگهارو آواز خاموش ٿي ويو. وزيراعظم چيو ته لالا عبدالطيف آ??ري??ي جي سياسي، قانوني ۽ جمهوري جدوجهد جاري رهندي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي. ان کان اڳ وزيراعظم پنهنجي ٽوئيٽ ۾ عبدالطيف آ??ري??ي جي درجن جي بلندي ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جميل جي دعا به ڪئي.
لالا عبدالطيف آفريدي جي بي رحماڻي قتل تي انتهائي ڏک آهي، هن سڄي عمر آئين جي سربلندي، جمهوريت، قانون جي حڪمراني ۽ انساني حقن جي لاءِ جدوجهد ڪئي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : کوئی شہزادی۔