اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان ۽ آسٽريليا جي سينيئر عملدارن جي وچ ۾ ڳالهين جو اٺون سيشن اسلام آباد ۾ ??يو. پرڏيهي آفيس موجب ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (ايشيا پيسفڪ) ممتاز زهره بلوچ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪئي جڏهن ته آسٽريليا وفد جي قيادت اتر ۽ ڏکڻ ايشيا با??ت فرسٽ اسسٽنٽ سيڪريٽري گيري ڪوون ??ئي. ڌرين ٻطرفي ت??اون تي ٺوس خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جنهن ۾ اعليٰ سطح جي مٽاشتا، سياسي، اقتصادي، ترقي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، تعليم، دفاع، سلامتي ?? دهشتگردي جي خاتمي، لڏپلاڻ ۽ موسمياتي ت??ديلي جي شعبن ۾ تعاون پڻ شامل آهي. پرڏيهي آفيس ٻڌايو ته ڌرين هڪ ٻئي کي پنهنجي پنهنجي پرڏيهي پاليسي جي ت??جيحن کان پڻ آگاهه ڪيو ۽ گهڻ رخي ت??جيحن ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ??ئي. ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري آسٽريلوي وفد کي ڏکڻ ايشيا جي علائقائي صورتحال بشمول افغانستان جي انساني صورتحال ۽ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين ۽ منظم خلاف ورزين تي بريفنگ ڏني. ترجمان چيو ته گذريل ڏينهن آسٽريليا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ اسلام آباد ۾ واپاري ڳالهيون پڻ ٿيون، ڌرين زراعت ۽ انفارميشن اينڊ ڪميونيڪشن ٽيڪنالاجي ۾ تعاون تي خاص ڌيان ڏيندي ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ??ئي. هن چيو ته ڳالهه ٻولهه ۾و اپاري پهچ ۾ اضافي ۽ ملڪيتي حق دانش جي گڏيل تحفظ خاص طور تي با??متي چانور جي جاگرافيائي اشاري با??ت معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
پاڪستان ۽ آسٽريليا جي سينيئر عملدارن جي وچ ۾ ڳالهين جو اٺون سيشن
مضمون کا ماخذ : سپر اسپنر