اسلام آباد – 06– اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اعليٰ عدليه پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪري، فل ڪورٽ ٺاهي وڃي، ان جو فيصلو اسان کي ??بول هوندو، فل ڪورٽ جو مطالبو مڃيو وڃي ها ته ڪير ان جي فيصلي س??ن اختلاف ڪري ها، عدليه جو احترام سڀني تي لازمي آهي پر قانون سڀني جي لاءِ برابر هجڻ گهرجي، جيڪو قانون ڪنهن جي لاءِ ٺاهيو پنهنجو پاڻ تي به لاڳو ڪريو، اسان کي ??اڪستان ۽ ايندڙ نسلن جو مستقبل محفوظ بڻائڻ جي لاءِ ذاتي ??فا?? کي ??ڪ طرف رکڻو پوندو، ڪا سياسي پارٽي اليڪشن کان ڀڄي نه ٿي سگهي، وڪيلن قانون جي حڪمراني، عدليه جي بحالي ۽ ان??اف حاصل ڪرڻ جي لاءِ قربانيون ڏنيون آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن لائرز ڪمپليڪس اسلام آباد جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ قانون ۽ ان??اف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله ۽ پاڪستان بار ڪائونسل، اسلام آباد بار ڪائونسل ۽ ٻين وڪيل تنظيمن جي عهديدارن ۽ ميمبرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته وڪيلن عدل ۽ ان??اف حاصل ڪرڻ جي لاءِ انتهائي مشڪلاتن کي ??نهن ڏنو آهي، وڪيلن قانون جي حڪمراني ۽ عدليه جي بحالي جي لاءِ قربانيون ڏنيون، عدليه جي بحالي لاءِ ڏنڊا کاڌا، گوليون کاڌيون، جلوس ۽ ريليون ڪڍيون، پاڪستان قائم ٿيڻ کان وٺي اڄ تائين عدل ۽ ان??اف جي لاءِ جنگ وڙهي آهي. وزيراعظم چيو ته عدليه جو احترام سڀني تي لازمي آهي پر قانون سڀني جي لاءِ برابر هجڻ گهرجي، جيڪو قانون ڪنهن جي لاءِ ٺاهيو پنهنجو پاڻ تي به لاڳو ڪريو، اڳ ۾ سپريم ڪورٽ جي 9 رڪني بئنچ ٺاهي وئي، بعد ۾ اها ٽن ججن تي ٻڌل بئنچ رهجي وئي، اڄڪلهه سپريم ڪورٽ جي چار ٽي ججز جي فيصلي جو بحث هلي رهيو آهي، جيڪي ججز بئنچ ک??ن الڳ ٿي ويا هئا انهن کي ان ۾ نه ويهڻ گهرجي ها. وزيراعظم چيو ته فل ڪورٽ جو مطالبو مڃيو وڃي ها ته ڪير ان جي فيصلي س??ن اختلاف ڪري ها، جسٽس فائز عيسيٰ جي فيصلي کي اڳ ۾ سرڪلر جي ذريعي ختم ڪيو ويو، بعد ۾ ان تي بئنچ ٺاهڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي. وزيراعظم چيو ته اسان کي ته حڪم ڏنو وڃي ٿو ته وزيراعظم اڪيلو ڪجهه به نه آهي، پوري ڪابينا آهي پر اهڙو حڪم ڏيندڙ پنهنجو پاڻ تي اهو ڇو لاڳو نه ٿا ڪن، مولوي تميزالدين ڪيس بابت سڀ ڄاڻين ٿا، جسٽس منير ئي نظريه ضرورت جو موجد آهي. هن چيو ته ڪا سياسي پارٽي اليڪشن کان ڀڄي نه ٿي سگهي ڇو ته جيڪو به اليڪشن کان ڀڄندو ان جي سياست انهي ئي ڏينهن ختم ٿي ويندي. هن چيو ته 63 اي جي قانون کي ري رائيٽ ڪيو ويو، اس??ن اپيل داخل ڪئي پر ان جو ڪو اتو پتو نه آهي، سياسي پارٽين کي به ڌر نه بڻايو ويو، سمورين لاڳاپيل ڌرين کي گريبان ۾ جهاتي پائي فيصلو ڪرڻو آهي ته اڳتي ايندڙ نسلن جو مستقبل محفوظ بڻائڻو آهي يا ذاتي ويڙهه وڙهي ملڪ کي اتي پهچايو وڃي جتان واپسي ناممڪن هجي. وزيراعظم چيو ته اڃا به ڪجهه ناهي ويو، اعليٰ عدليه پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪري، جيڪي ججز بئنچ ک??ن الڳ ٿيا هئا انهن ??ي شامل نه ڪري فل ڪورٽ ٺاهي وڃي، فل ڪورٽ جو جيڪو به فيصلو هوندو اهو اسان کي ??بول هوندو، پنهنجي غلطي تسليم ڪرڻ گهرجي، ٿڌي دل ۽ دماغ سان سوچڻ ۽ ملڪ جي ??فا?? ۾ فيصلا ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته لائرز ڪمپليڪس جي پيڙهه جو پٿر رکي خوشي ٿي آهي، لائرز ڪمپليڪس جي تعمير تي هڪ ارب 80 ڪروڙ رپيا لاڳت ايندي، مون کي ڊپ آهي ته اهو حڪم به نه اچي وڃي ته اها رقم اليڪشن ڪميشن جي حوالي ڪري ڇڏيو جڏهن ته اهڙي صورتحال پيدا ٿي ته وڪيل پاڻ ان جو دفاع ڪري وٺندا. هن چيو ته اسان کي ??اڪستان ۽ ايندڙ نسلن جو مستقبل محفوظ بڻائڻ جي لاءِ ذاتي ??فا?? کي ??ڪ طرف رکڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته لائرز ڪمپليڪس جي تعمير جي لاءِ عملي اڳڀرائي تي قانون وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ۽ وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله مبارڪباد جا مستحق آهن، انهن ڪاغذن ۾ پيل منصوبي تي عملدرآمد جي لاءِ وڏي محنت سان ڪم ڪيو آهي، ان ۾ اسپورٽس ڪمپليڪس کي به شامل ڪيو وڃي ۽ عورتن ۽ مرد وڪيلن جي لاءِ جدا جدا سوئمنگ پول پڻ هجڻ گهرجن. ان ک??ن اڳ وزيراعظم لائرز ڪمپليڪس جي پيڙهه جو پٿر رکيو. تقريب کي ??انون ۽ ان??اف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله ۽ وڪيل اڳواڻن پڻ خطاب ڪيو.
اعليٰ عدليه پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪري، فل ڪورٽ ٺاهي وڃي، ان جو فيصلو اسان کي قبول هوندو: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشگوئی