لاهور – 24 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف لاهور ۽ قصور ۾ مفت اٽي جي ور?? جي مختلف جاين جو اوچتو دورو ڪيو ۽ لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته رمضان المبارڪ ۾ اٽي جي ور?? دوران ڪنهن به شهري کي ڪا تڪليف نه ٿيڻ گهرجي، بزرگ، معذور ۽ ڪمزور ماڻهن جو خاص خيال رکيو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف عورتن ۽ مرد شهرين کان مفت اٽي جي فراهمي ۾ مشڪلاتن بابت پڇيو. وزيراعظم اٽي جي معيار ۽ ان کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ مشڪلاتن بابت پڻ شهرين جي راءِ معلوم ڪئي. وزيراعظم شهرين جي راءِ جي روشني ۾ عملدارن کي قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم شهرين جي لاءِ ان??ظارگاهه جو پڻ دورو ڪيو، ان??ظام ڏٺا. وزيراعظم هدايت ڪئي ته رمضان المبارڪ ۾ ڪنهن به شهري کي ڪا تڪليف نه ٿيڻ گهرجي، بزرگ، معذور ۽ ڪمزور ماڻهن جو خاص خيال رکيو وڃي، بزرگ عورتن ۽ ٻارن سان گڏ ايندڙ عورتن جي لاءِ پڻ بهترين ان??ظام يقيني بڻايا وڃن. وزيراعظم چيو ته ان خير جي ڪم کي سرڪاري ڊيوٽي نه خدائي ڊيوٽ?? سمجهي سرانجام ڏيو، رمضان المبارڪ ۾ خدا جي مخلوق جي خدمت ڪري الله تعاليٰ کي راضي ڪريو. وزيراعظم مفت اٽي سينٽر ۾ آيل ٻارن سان پڻ مليو، ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي. وزيراعظم شهرين ۾ مفت اٽي جا ٿيلها پڻ ورهايا. وزيراعظم فوڊ سيڪريٽري، چيف سيڪريٽري پنجاب، ڊپٽي ڪمشنرز کي بهتر ان??ظامن تي شاباس ڏني ۽ وزيراعظم ان??ظاميا ۽ عملي جي ڪارڪردگي کي پڻ ساراهيو.
وزيراعظم پاران لاهور ۽ قصور ۾ مفت اٽي جي ورڇ جي مختلف جاين جو اوچتو دورو
مضمون کا ماخذ : loteria estadual