اسلام آباد – 05– اپريل (اي پي پي) ملائيشيا ۾ پاڪس??ان جي هاءِ ڪمشنر آمنه بلوچ کي بيلجيئم، لڪمسبرگ ۽ يورپي يونين ۾ پاڪس??ان جي سفير مقرر ڪيو ويو آهي. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ٻڌ??ئي. آمنه بلوچ فارن سروس جي سينيئر آفيسر آهي ۽ وسيع سفارتي تجربو رکي ٿي. هو ڊينمارڪ، سريلنڪا، چين ۽ ملائيشيا ۾ پاڪستاني مشنز ۾ خدمتون سرانجام ڏئي چڪي آهي. پنهنجي موجوده ذميواري کان ا?? هن چين جي شهر چينگڊو ۾ قونصل جنرل طور خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته اميد آهي ته آمنه بلوچ جلد نيون ذميواريون سنڀاليندي.
مضمون کا ماخذ : اسٹریٹیجیا لاٹوفاسیل