اسلام آباد- 31 مئي (اي پي پي)نوجو??نن جي معاملن بابت وزيراعظم جي خاص مددگار شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت اعليٰ تعليمي ادارن جي باصلاح??ت شاگردن ۾ هلندڙ سال ميرٽ جي بنياد تي هڪ لک ليپ ٽاپ ورهايا پيا وڃن، ان لاءِ شاگردن جي آن لائن رجسٽريشن جو عمل جاري آهي. ايندڙ بجيٽ ۾ نوجو??نن لاءِ ??اروباري ۽ زرعي قرضن لاءِ 100 ارب رپيا مختص ڪرڻ جي تجويز آهي. گذريل ڪجهه سالن دوران نفرت سان ڀريل سياست جا نوجو??نن تي ناڪاري اثر پيا. مختلف تعميري پروگرامن ذريعي نوجو??نن کي هاڪاري سرگرمين طرف راغب ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. هلندڙ سال انوويشن ايوارڊ لاءِ 3 هزار درخواستون مل??ون. بوٽ ڪيمپس لاءِ ??ونڊيل 500 ٻارن مان 100 ٻارن کي نيشنل انوويشن ايوارڊ ڏينداسين. اهڙو خيالن جو اظهار هن ”اي پي پي“ کي خاص انٽرويو ڏيندي ڪيو. هن چيو ته وزيراعظم يوٿ پروگرام جي شروعات 13 مارچ 2013ع ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ڪئي هئي. ملڪ جي 70 سيڪڙو آبادي 30 سالن کان گهٽ عمر جي نوجو??نن تي ٻَڌل آهي. هن چيو ته يوٿ پروگرام تحت غير رسمي تعليم ۽ هنرمنديءَ تي توجهه ڏني وئي آهي. گذريل 10 سالن جي تجربن کي نظر ۾ رکندي وزيراعظم محمد شهباز شريف جي موجوده حڪومت ۾ ان پروگرام ۾ بهتري آندي وئي آهي. هنر جي تربيت تي خاص توجهه ڏني پئي وڃي ته جيئن ٻار تعليم سان گڏوگڏ هنر به سِکن. وزيراعظم شهباز شريف 2013ع ۾ پنجاب ۾ ليپ ٽاپ اسڪيم شروع ڪئي هئي، صرف وفاق ۾ نوجوان شاگردن کي 2013ع کان 2018ع تائين 5 لک ٽاپ ڏنا ويا. ڪورونا دوران نوجو??نن ليپ ٽاپ ذريعي روزگار ۽ تعليمي سرگرميون جاري رک??ون. هن چيو ته ليپ ٽاپ جي رجسٽريشن جو پورٽل کُلڻ کانپوءِ نوجو??نن ان کي تمام گهڻو ساراهيو آهي. هلندڙ سال اعليٰ تعيلمي ادارن جي هڪ لک باصلاحيت نوجو??نن ۾ ميرٽ جي بنياد تي ليپ ٽاپ ورهايا ويندا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ايندڙ مالي سال دوران ليپ ٽاپ اسڪيم جو دائرو وڌايو ويندو. نوجو??نن کي مفت ليپ ٽاپ جي فراهميءَ سان گڏوگڏ آسان شرطن تي ان لاءِ قرضن جي فراهميءَ جي تجويز به آهي. وزيراعظم هنرمند پروگرام تحت مختلف شعبن ۾ 70 سيڪڙو هاءِ ٽيڪ اسڪلز ۽ 30 سيڪڙو روايتي مهارتن جي تربيت فراهم ڪئي پئي وڃي. نوجو??نن کي جديد ٽيڪنالاجي جي تربيت فراهم ڪرڻ لاءِ ??وششون ڪري رهيا آه??ون. هن چيو ته گذريل ڪجهه سالن دوران ناڪاري سياست، سياسي انتقام ۽ نفرت جي بنياد تي سياست ڪئي وئي، جنهن ذريعي نوجو??نن کي خاص طور تي ورهايو ويو. گذريل پنجن سالن دوران اسان جي سياسي قيادت کان سياسي انتقام ورتو ويو، ان جا اثر نوجو??نن جي ذهني صحت، واڌ ويجهه ۽ ڪردار تي پيا. هن چيو ته هاڻي نوجو??نن کي يوٿ پروگرام تحت انگيجمينٽ ذريعي هاڪاري سرگرمين طرف راغب ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته وزيراعظم بزنس ۽ زرعي لون اسڪيم جو مقصد ملڪ ۾ ننڍي ڪاروبار ۽ زراعت کي هٿي وٺرائڻ آهي. پاڪستان جهڙي زرعي ملڪ ۾ معيشت ڪرنگهي جي هڏي واري حيثيت رکي ٿي. گذريل سال ٻوڏ سبب پاڪستان جو وڏو حصو متاثر ٿيو، انهن علائقن ۾ ننڍن آبادگارن ۽ زراعت سان لاڳاپيل نوجو??نن جي مدد لاءِ زرعي قرضن جي فراهمي شروع ڪئي وئي. وزيراعظم 24 جنوريءَ تي ان اسڪيم جو افتتاح ڪيو هو، هاڻي تائين 22 ارب رپين جا قرض فراهم ڪيا ويا آهن. 30 جون تائين 30 ارب رپين جا قرض فراهم ڪرڻ جو هدف حاصل ڪري وٺنداسين. هن چيو ته ايندڙ بجيٽ ۾ وزيراعظم يوٿ بزنس ۽ زرعي لون اسڪيم لاءِ 100 ارب رپيا مختص ڪرڻ جي تجويز آهي، ان ۾ 50 ارب رپيا قرض ڪاروباري ۽ 50 ارب رپيا قرض زرعي مقصدن لاءِ ??نو ويندو. هن نوجو??نن تي زور ڀريو ته هو صحتمند سرگرمين ۾ شامل ٿين، پنهنجي توجهه پڙهائي، ڪردار سازي ۽ راندين جهڙين هاڪاري سرگرمين تي ڏين.
وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت شاگردن ۾ هلندڙ سال هڪ لک ليپ ٽاپ ورهايا ويندا: شزه فاطمه خواجه
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعدادوشمار