منيٰ-30 جون (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سينيٽر طل??ه محمود معلم ضيوف البيت اسامه دانش کي طلب ڪري انتظامن جي حوالي سان حج پانڌيئڙن جي خدشن کان آگاهه ڪيو. رهائش، خوراڪ، واش رومز سميت ٻين معاملن تي لاڳاپيل معلم سامهون خدشا رکيا. حج پانڌيئڙن ک?? منيٰ، عرفات ۽ مزدلفه ۾ پيش مسئلن جي معاملي تي وفاقي وزير طل??ه محمود سيڪريٽري مذهبي معاملا، سعوديه ۾ مقرر پاڪستاني سفير ۽ ڊي جي حج سان گڏ حجاج ڪرام سان ملاقاتون ڪيون. وفاقي وزير حجاج ڪرام جي مسئلن ک?? ٻُڌي معلم ضيوف البيت اسامه دانش کي طلب ڪيو. طل??ه محمود حجاج ڪرام سان گڏ معلم کي پنهنجي خدشن کان آگاهه ڪيو. معلم ۽ حجاج سان گڏ مختلف ڪيمپس جو دؤرو ڪيو. وفاقي وزير رهائش، خوراڪ، واش رومز سميت ٻين معاملن سميت معلم آڏو خدشا رکيا. طل??ه محمود چيو ته پاڪستاني عزت ۽ محبت وارا ماڻهو آهن. منيٰ ۾ پاڪستانين جي عزت نفس کي مجروح ڪيو ويو. پاڪستاني حج پانڏيئڙن ک?? منيٰ ۾ رهائش، کاڌي بابت شديد خدشا آهن. مان پاڪستانين جو نمائندو آهيان، پاڪستان جي حج پانڌيئڙن ک?? درپيش مشڪلاتن سان شديد ڏُک ٿيو آهي. طل??ه محمود معلم کي هدايت ڪئي ته هو پاڪستاني حج پانڌيئڙن ک?? منيٰ ۾ رهائش فراهم نه ڪئي هئي انهن جا پئسا واپس ڪيا وڃن.
مذهبي معاملن واري وفاقي وزير معلم ضيوف البيت کي طلب ڪري انتظامن جي حوالي سان حج پانڌيئڙن جي خدشن کان آگاهه ڪيو
مضمون کا ماخذ : پرامڈ ادا کرتا ہے۔