حيدرآباد -06 آڪٽوبر(اي پي پي) تعليم واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آه?? ته پاڪستان وٽ تعليم کان سواءِ ترقيءَ جو ٻيو ڪو به رستو ناهي ، تعليم جي بهتريءِ جي لاءِ اسان جون ڪوششون جاري آه?? ان سلسلي ۾ 16 آڪٽوبر تي تعليم جو معيار بهتر بڻائڻ ۽ جيڪي ٻار اسڪولن ۾ نٿا وڃن انهن کي اسڪولن ۾ آڻڻ جي لاءِ بين الصوبائي ڪانفرنس منعقد ڪئي ويندي اهڙو اظهار هن حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو هن چيو ته تعليم جو معيار ۽ حال خراب آه?? مونکي خبر پئي آه?? ته سنڌ ۾ هڪ ماڻهو ڪاپي پيسٽ ڪري پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪري 19 هون گريڊ حاصل ڪيو آه?? هن چيو ته اسڪولن جا ماستر وڏيون پگهارون کڻن ٿا پر اسڪولن ۾ نٿا وڃن ميڊيا اهڙن مسئلن جي نشاند??ي ڪري اسان تعليم جي معيار کي بهتر بنائڻ چاهيون ٿا هن چيو ته سڄي ملڪ ۾ سرڪاري اسڪول تباه ٿيل آه?? ۽ ا??ي ڪنهن جي به ترجيحات ۾ نه آه?? تعليمي ادارا تعليم جي معيار کي بهتر بنائڻ جي بدران فنڊن جي حاصلات جي ڪوششن ۾ رڌل آه?? مون سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر کي چيو آه?? ته ماڻهو ڀرتي ڪرڻ جي بدران تعليم جو حال درست ڪيو حيرت جهڙي ڳالهه آه?? ته 21 هين گريڊ وارن کي پڙهائڻ نٿو اچي ڪاپي ڪري پي ايڇ ڊي ڪري رهيا آه?? هن چيو ته اسان وٽ وقت ٿورو آه?? پر ڪنهن سٺي ڪم جو بنياد رکي سگهون ٿا ، سنڌ يونيورسٽي جي غريب شاگردن کي اسڪالر شپ جا چيڪ ڏئي مونکي تمام گهڻي خوشي ٿي هينئر تائين هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي ذريعي اهڙن شاگردن کي 1829 ملين روپيه ڏئي چڪا آه??ون سنڌ يونيورسٽيءَ کي به 15 ملين روپيه ڏنا آه?? شهيد الهه بخش يونيورسٽيءَ کي به ايڇ اي سي پاران 886 ملين جي گرانٽ ملي ٿي پر يونيورسٽي جي انتظاميه کي خبر ئي ناهي ته شهيد الهه بخش ڪير هو ، مدد علي سنڌ چيو ته سنڌ جي چيئرمين بورڊ کي گهرائي چيو آه?? ته اوهان چالان جمع ڪرائڻ ، سرٽيفڪيٽ ڏيڻ جي لاءِ ڊجيٽل سسٽم بنايو ۽ کڙڪيءَ وارو سسٽم ختم ڪيو ان سسٽم سان ماڻهن کي تڪليف ٿئي ٿي ، هن چيو ته مان بنيادي طور تي صحافي آه??ان ۽ پنهنجي زندگيءَ جا 45 سال صحافت کي ڏنا آه?? اڄ به صحافين جي زندگي تبديل نه ٿي سگهي آه?? انهن کي محنت جو پورو اجورو نٿو ملي ان کان اڳ ۾ حيدرآباد پريس ڪلب جي صدر لالا رحمان سمون ، جنرل سيڪريٽري حميد الرحمان وفاقي وزير جو آڌر ڀاءُ ڪيو جڏهن ته سينئر صحافي علي حسن وفاقي وزير کي اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي جو تحفو ڏنو.
پاڪستان وٽ تعليم کان سواءِ ترقيءَ جو ٻيو ڪو به رستو ناهي، 16 آڪٽوبر تي تعليم جو معيار بهتر بڻائڻ ۽ ٻارن کي اسڪولن ۾ آڻڻ جي لاءِ بين الصوبائي ڪانفرنس منعقد ڪئي ويندي: مدد علي سنڌي
مضمون کا ماخذ : قسمت کا پہیہ