اسلام آباد-18 نومبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب ايشيائي تر??ياتي بئنڪ طرفان پاڪستان کي مالي مدد جي فراهميءَ کي سٺو سنوڻ قرار ڏنو آهي. هن اها ڳالهه ايشيائي تر??ياتي بئنڪ جي وفد سان ملاقات ۾ چئي. وفد جي اڳواڻي ايشيائي تر??ياتي بئنڪ جي سينيئر ڊائريڪٽر طارق ايڇ نيازي ڪئي. ان موقعي تي ايشيائي تر??ياتي بئنڪ جي پاڪستان ۾ رهندڙ ڪنٽري ڊائريڪٽر اينافن ۽ ان جي ٽيم به موجود هئي. ملاقات دوران طارق ايڇ نيازي ناڻي واري وزير کي ايشيائي تر??ياتي بئنڪ جي عوامي شعبي جي انتظام ۽ بهتر حڪمراني لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو ۽ چيو ته قدمن جو مقصد ڪلي معيش?? ۽ ??الياتي انتظام کي بهتر بڻائڻ آهي. هن چيوته بئنڪ اُسرندڙ ملڪن کي پاليسي ۽ اداره جاتي صلاحيتن کي بهتر بڻائڻ ۾ به معاونت فراهم ڪري رهي آهي. هن چيو ته ايشيائي تر??ياتي بئنڪ تحت پاڪستان ۾ اقتصادي سڌارن، سماجي ۽ اقتصادي تر??يءَ لاءِ منصوبا غور هيٺ آه??. ا?? منصوبن ۾ خاص طور تي پاليسي ۽ انتظامي سڌارا، ايف بي آر جي ڊجيٽلائيزيشن، عوامي ۽ نجي حصيدارين، موسمياتي تبديلي، پاليسيءَ تي ٻَڌل ضمانتون، مالي ۽ بجيٽ جي معاونت، غربت جي خاتمي لاءِ امداد ۽ پينشن سڌارن جي لاءِ فني معاونت شامل آهي. ناڻي واري وزير بئنڪ طرفان پاڪستان کي فراهم ڪيل مالي ۽ فني معاونت جي تعريف ڪئي ۽ چيو ته بئنڪ جي سهڪار جي شعبي پاڪستان جي تر??ي جي ضرورت سان هم آهنگ آهن. هن بئنڪ طرفان موسمياتي لچڪ کي بهتر بنائڻ ۽ حڪوم?? ۽ ??ينشن سڌارن جي ايجنڊا کي اڳيان وڌائڻ ۾ معاونت کي سٺو سنوڻ قرار ڏنو.
ايشيائي ترقياتي بئنڪ طرفان پاڪستان کي مالي ۽ فني معاونت جي فراهمي سٺو سنوڻ آهي: سينيٽر محمد اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : loteria do Paraná