گڏيل قومون -06 ن??مب?? (اي پي پي) گڏيل قومن جي سمورن وڏن ادارن جي سربراهن غزه ۾ شهرين جي فوتگين تي ڏک ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. فرانس جي خابرو اداري مطابق گڏيل بيان ۾ گڏيل قومن جي انهن ادارن جي سربراهن اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ ويڙهه ۾ انساني بنيادن تي فوري جنگ بندي جو مطالبو ڪيو آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي، ته گهڻو ٿيو هاڻي ان جنگ کي بند ٿيڻ گهرجي، يونيسيف، ورلڊ فوڊ پروگرام ۽ ورلڊ هي??ٿ آرگنائيزيشن سميت 18 ادارن جي سربراهن جنگ جي شروعات ??ان پوءِ ٻنهي پاسن ۾ ٿيل وڏي نقصان کي بيان ڪيو آهي. واضح رهي ته حماس جي انتظام هي?? صحت واري وزارت مطابق اسرائيل جي غزه ۾ جوابي حملن هن وقت تائين مجموعي طور تي 9 هزار 770 فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن.
مضمون کا ماخذ : عظیم البینی