بيجنگ -13 مارچ (اي پي پي) چين چيو آهي، ته آمريڪا کي يوڪ??ين جنگ ۾ ڪا به دلچسپي ناهي ۽ ان جو ڌيان پنهنجن جاگرافيائي ۽ سياسي مقصدن کي حاصل ڪرڻ تي آهي. چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان وانگ و??ن بن گذريل هفتي بر??فن?? دوران آمريڪي سي آءِ اي جي ڊ??ئريڪٽر وليم برنز جي يوڪ??ين جي مدد ذريعي ايشيا ۾ چين کي ڪنٽرول ڪرڻ جي حوالي سان پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته سندس رمارڪس مان ظاهر ٿئي ٿو ته آمريڪا کي يوڪ??ين جي باري ۾ ڪو به فڪر ناهي، هو يوڪ??ين جي بحران مان فائدو حاصل ڪندي پنهنجي جاگرافيائي ۽ سياسي مقصدن کي حاصل ڪرڻ چاهي ٿو. هن چيو ته يوڪ??ين جي جنگ ۾ شدت اچي سگهي ٿي ۽ اها ٻين ملڪن تائين ڦهلجي سگهي ٿي. ترجمان چيو ته چين اميد ظاهر ڪري ٿو ته سموريون لاڳاپيل ڌريون سياسي عمل جو مظاهر?? ڪندي ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي، فوري جنگ بندي، اثرائتي ۽ پائيدار يورپي سيڪيورٽي فريم قائم ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪنديون.
آمريڪا يوڪرين جنگ سان پنهنجي جاگرافيائي ۽ سياسي مقصد حاصل ڪرڻ چاهي ٿو: چين
مضمون کا ماخذ : پریمیوس لوٹومینیا