بيجنگ-27 مارچ (اي پي پي)چين خيبرپختونخواهه ۾ داسو هائڊرو پاور رٿا جي قافلي تي دهشتگرد ح??لي جي مذمت ڪندي ان واقعي جي جلد تحقيقات جو مطالبو ڪيو آهي ۽ چين – پاڪستان سهڪار کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندي. چائنا گلوبل ٽيليويزن نيٽ ورڪ مطابق چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان پاڪستان ۾ داسو هائڊرو پاور رٿا جي قافلي تي دهشتگرد ح??لي تي اربع ڏينهن تبصرو ڪندي چيو آهي ??ه چين ان دهشتگرد ح??لي جي شديد مذمت ڪري ٿو ۽ پاڪستان کان ان واقعي جي جلد کان جلد تحقيقات مڪمل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ترجمان چيو ته 26 مارچ تي ڪي پي ڪي صوبي ۾ چيني ڪمپني جي داسو هائڊرو پاور رٿا جي قافلي تي دهشتگرد ح??لي ۾ 5 چيني ۽ هڪ پاڪستاني شه??ي فوت ٿيا. هن سوڳوار ڪٽنب سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو. ترجمان چيو ته ا??ان جي خواهش آهي ??ه پاڪستان ۾ چيني شه??ين، منصوبن ۽ ادارن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن. چين پاڪستان سان هر ممڪن ڪوشش سان فالواپ آپريشن تي ڪم ڪري رهيو آهي. ترجمان ٻڌايو ته پاڪستان ۾ چين جي سفارتخاني چيني شه??ين ۽ پاڪستان ۾ ڪاروباري ادارن کي سيڪيورٽي صورتحال تي ويجهي ??کڻ، حفاظتي قدمن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۽ دهشتگرد ح??لن خلاف اضافي حفاظتي تدبيرون اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن چيو ته چين ۽ پاڪستان سدار بهار اسٽريٽجڪ سهڪار تي ٻڌل شراڪتدار ۽ مضبوط دوست آهن ۽ چين پاڪستان اقتصادي راهداري (سي پيڪ) پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ تمام اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. هن چيو ته چين پاڪستان سهڪار کي نقصان پهچائڻ جي ڪا به ڪوشش ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندي. هن چيو ته چين هر قسم جي دهشتگردي جي مخالفت ڪري ٿو ۽ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو. چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته چين پاڪستان ۾ چيني شه??ين، منصوبن ۽ ادارن جي مڪمل تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ پاڪستان سان وڌيڪ مضبوطي سان ڪم ڪندو.
چين – پاڪستان سهڪار کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندي: چين جي پرڏيهي وزارت پاران داسو هائڊرو پاور رٿا جي قافلي تي ٿيل حملي جي مذمت
مضمون کا ماخذ : ڈاگ ہاؤس