پيانگ يانگ-31 آڪٽوبر(اي پي پي) اتر ڪوريا نومبر ۾ بين البراعظم بيليسٽڪ مي??ائل (آئي سي بي ا??م ) لانچ ڪرڻ جون تياريون مڪمل ڪري ڇڏيون آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب ڏکڻ ڪوريا جي دفاعي اطلاعات ايجنسي (ڊي آئي ا?? ) جي آفيسرن قومي اسمبلي ۾ پارلياماني ميمبرن کي ??ري??نگ ڏني. ??ري??نگ کانپوءِ ڏکڻ ڪوريا جي ميمبرن ميڊيا کي ٻڌاي?? ته اتر ڪوريا نومبر ۾ مي??ائل تجربو ڪري سگهي ٿو. 5 نومبر تي آمريڪي چونڊن کان اڳ يا بعد ۾ پنگي – آري سائيٽ مان آئي سي بي ا??م ڇڏي سگهي ٿي. پارلياماني ميمبر ٻڌاي?? ته تياريون مڪمل آهن ۽ موبائل لانچر مخصوص علائقي ۾ مقرر ڪيو ويو آهي. پيانگ يانگ حڪومت پاران ان لانچ جو مقصد اهو آهي ته جيئن هُو مي??ائل جي تجربن سان ٻيهر پنهنجي ٽيڪنالاجي جي آزمائش ڪري سگهي. جاپاني خابرو ايجنسي ٻڌاي?? ته نئين آزمائش جو وقت اتر ڪوريا جي اڳواڻ ڪم جونگ ان پاران طئي ڪيو ويندو، 5500 ڪلوميٽرن کان مٿي مار ڪندڙ بيليسٽڪ مي??ائلن جي بين البراعظمي طور درجه بندي ڪئي ويندي آهي ۽ انهن کي پهرين حصي ۾ ايٽمي تجربن لاءِ ڊزائن ڪيو ويو آهي. پيانگ يان?? هاڻي تائين پنگي آرسائيٽ مان 2006ع ، 2009ع ، 2013ع ، 2017ع ۾ هڪ ۽ 2016ع ۾ ٻه ايٽمي تجربا ڪيا.
اتر ڪوريا پاران بين البراعظم بيليسٽڪ ميزائل جي تجربي جون تياريون مڪمل
مضمون کا ماخذ : الوہا کلسٹر ادائیگی کرتا ہے۔