اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام ڪشميرين جي خودمختياري واري حق کي حاصل ڪ??ڻ جي جدوجهد ۾ انهن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي ۽ ڀارتي ظلم ۽ بربريت جي خلاف هر فورم تي آواز اٿاريندا رهنداسين. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري پريس رليز موجب اهڙن خيالن جو اظ??ار وزيراعظم عمران خان آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم سردار ??بد??لقيوم نيازي سان ملاقات دوران ڪيو. جنهن ۾ آزاد ڪشمير جي مجموعي صورتحال ۽ آئنده لاءِ تعمير ۽ ترقي جي لائحه عمل تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، وزيراعظم عمران خان سردار ??بد??لقيوم نيازي کي آزاد ڪشمير جي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد پيش ڪئي. آزاد ڪشمير جي وزيراعظم ??بد??لقيوم نيازي مٿس اعتماد ڪرڻ تي وزيراعظم عمران خان جو ٿورو ادا ڪيو. آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چيو ته سندس حڪومت جي ترجيح جتي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي مسئلن جو حل آهي اتي سرحد پار پنهنجي ڀينرن ۽ ڀائرن جي مسئلن کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ لاء?? به هر ممڪن ڪوشش ڪرڻ آهي، جيڪي ڀارت جي غير قانوني ڏاڍ ۾ بي پناهه مسئلن جو شڪار ۽ سختيون برداشت ڪري رهيا آهن، وزيراعظم عمران خان ان موقعي تي چيو ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام ڪشميرين جي خودمختياري واري حق کي حاصل ڪ??ڻ جي جدوجهد ۾ ساڻس ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي ۽ ڀارتي ظلم ۽ بربريت جي خلاف هر فورم تي آواز اٿاريندا رهنداسين.
پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام ڪشميرين جي خودمختياري واري حق کي حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ۾ انهن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي: وزيراعظم عمران خان
مضمون کا ماخذ : میگا سینا اکمولاڈا